ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

گورباچيف جو عالمي نقطه نظر

ڪنهن به ملڪ جي پرڏيهي پاليسي ان جي ڏيهي پاليسي جو عڪس هوندي آهي. گورباچيف جتي ڏيهي معاشي ۽ سياسي پاليسي ۾ سڌارا آندا اتي سندس پريستريئيڪا ۽ گلاسنوست جا عڪس سندس پرڏيهي پاليسي ۾ پڻ نظر اچن ٿا. ان جو هڪ ڪارڻ اهو به هو ته سرد جنگ جي ڪري هٿيارن جي ڊوڙ سوويت معيشت کي وڏي دٻا ۾ وجھي ڇڏيو هو. ان ڪري يورپ مان وچولي ۽ ڊگهي فاصلي وارن ميزائلن کي هٽائڻ لا آمريڪا سان مختلف ٺاهه ڪيا ويا. ساڳي ريت سوشلسٽ بلاڪ جي ملڪن لا هڪ نئين حڪمت عملي اختيار ڪئي ويئي. گورباچيف جو اهو نقطه نظر هو ته جڏهين سوويت يونين جي رياستن ۽ ان جي عوام کي خود اختياري ۽ جمهوري حق ڏنا وڃن ٿا ته پو اهي حق خاص طور اوڀر يورپ جي سوويت يونين جي اتحادين کي ڇو نه ڏنا وڃن. اهڙي ريت ماضي ۾ اوڀر جرمني، هنگري ۽ چيڪوسلوواڪيا وغيره ۾ اتان جي عوامي اڀار کي دٻائڻ لا جيڪا فوجي مداخلت ڪئي ويئي هئي ان پاليسي کي ختم ڪيو ويو ۽ اتان جي عوام کي پنهنجي آئيندي جو فيصلو ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو ته انهن کي ڪهڙي قسم جي حڪومت ۽ سياسي نظام گھرجي. انساني حق هر ملڪ جي عوام کي ملڻ گھرجن. پر ان سلسلي ۾ ڪنهن به ٻئي ملڪ کي اهو حق نه ٿو پهچي ته اهو پنهنجي نظام مڙهڻ لا ٻئي ڪنهن ملڪ جي معاملن ۾ مداخلت ڪري. اهو هر ملڪ جي عوام جو پنهنجو اختيار آهي ته اهي پنهنجي ليکي ۽ پنهنجين حالتن آهر پنهنجي حڪومت جي نظام ۽ انساني حقن وغيره جو تعين ڪن.
فيبروري 1989 ۾ آمريڪا، پاڪستان ۽ افغانستان سان ڪيل ٺاهه تحت سوويت يونين افغانستان مان پنهنجين فوجن کي واپس گھرايو. سوويت يونين جي پاليسي ۾ تبديلي هڪ لحاظ کان اوڀر يورپ جي سوشلسٽ بلاڪ جي ملڪن جي ماڻهن کي ڄڻ هڪ نئون اتساهه ڏنو هو. گھڻن ملڪن جي ماڻهن پنهنجن ملڪن ۾ تبديلي لا جاکوڙ شروع ڪري ڇڏي. پولينڊ ۾ اڳ ئي ليچ وليسا جي اڳواڻي ۾ ساليڊيريٽي جي تحريڪ هلندڙ هئي. اوڀر جرمني جا ماڻهو به پنهنجن حڪمرانن مان مطمئن نه هئا. اتان جي معاشي صورتحال جيتوڻيڪ اوڀر يورپ جي ٻين سوشلسٽ ملڪن جي ڀيٽ ۾ بهتر هئي ۽ ماڻهن کي گھڻيون سهولتون حاصل هيون پر اصل مسئلو اهو هو ته اتي ماڻهن کي رائي ۽ اختلاف جي آزادي حاصل نه هئي. گھڻن ماڻهن هنگري ۽ چيڪوسلوواڪيا رستي ملڪ جي اولهندي حصي ڏانهن لڏڻ شروع ڪيو هو. پارٽي ۽ ملڪ جي قيادت ان نئين صورتحال کي منهن نه پئي ڏيئي سگھي ۽ سوويت يونين اڳ جيان ڪا فوجي مداخلت نه پيو ڪرڻ چاهي. هن اتي موجود پنهنجن فوجي دستن کي رڳو اها هدايت ڪئي هئي ته اهي پاڻ کي اوڀر جرمني ۾ سوويت يونين جي فوجي تنصيبات جي حفاظت تائين محدود رکن. نيٺ 1960 ۾ جيڪا برلن ديوار ٺهي هئي اها 1989 ۾ اچي پٽ پئي ۽ جرمني هڪ ٿي ويو.
سوويت يونين جي ختم ٿيڻ کانپو گورباچيف جو سرڪاري طرح ڪو ڪردار نه رهيو هو پر هو پنهنجي ليکي سرگرم رهيو. هن گورباچيف فائونڊيشن جي نالي سان ادارو ٺاهيو جنهن جو دفتر آمريڪا جي شهر سان فرانسسڪو ۾ آهي. اهو ادارو پنهنجي ليکي ۽ ٻين مختلف عالمي ادارن سان گڏجي عالمي انساني حقن، ماحوليات، هٿيارن جي ڊوڙ ۽ بک، بيماري ۽ صحت وغيره جهڙن معاملن تي اسٽڊيز ڪندو آهي ۽ مختلف ملڪن ۽ ادارن کي تجويزون ڏيندو آهي.
نيوڪليائي هٿيارن جي ڊوڙ سڄي دنيا جي صورتحال کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. هن وقت مسئلو هڪ يا ٻئي ملڪ جو نه بلڪ پوري انسان ذات ۽ ڌرتي تي موجود جيوت جي جياپي ۽ باقي رهڻ جو آهي. طبقاتي بنيادن تي ان مسئلي جي حل لا نه ٿو سوچي سگھجي. ان لا انسان ذات جي حوالي سان حڪمت عملي ٺاهڻي پوندي. بنيادي مسئلو نيوڪليائي هٿيارن جو آهي جيڪي ڪجھه لمحن ۾ ڌرتي تان حياتي کي ختم ڪري سگھن ٿا. اهو سڀني انسانن جي پنهنجي مفاد ۾ آهي ته اهي هٿيارن جي ذخيرن کي ختم ڪرڻ تي توجهھ ڏين. پر ان سلسلي ۾ صورتحال گھڻي اميد افزا ناهي. هن وقت نه رڳو گھڻن ملڪن پر مختلف هٿياربند گروهن وٽ پڻ اهي هٿيار موجود آهن. ٻين مهاڀاري جنگ کانپو دنيا جي مختلف علائقن ۾ جنگون ۽ جھيڙا هلندا آيا آهن ۽ صورتحال انهن هٿيارن جي استعمال تائين اچي پهتي آهي. ان ڳالهه کي ورجائڻ جي ضرورت ناهي ته اهڙي قسم جي جنگ ۾ ڪير به فاتح ۽ مفتوح نه هوندو.
ساڳي ريت ماحوليات جو مسئلو وڌيڪ اهميت اختيار ڪري چڪو آهي. ليکڪ جيتوڻيڪ جمهوري نظام سان گڏ مارڪيٽ اڪانومي تي به زور ڏئي ٿو پر کيس ان ڳالهه جي به ڄاڻ آهي ته ان قسم جي معيشت ۾ سرمايادار جو نفعو اهم عنصر هوندو آهي ۽ کيس ان ڳالهه جي پرواهه نه هوندي آهي ته ان جا سماج ۽ ماحول تي ڪهڙا اثر پون ٿا. ان ڪري هو ان ڳالهه تي زور ڏئي ٿو اها معيشت ماحول ۽ سماج ڏانهن پنهنجيون ذميواريون پوريون ڪري. ماحول جي حوالي سان هن وقت مختلف ادارن پاران ڪيل اسٽيڊيز صورتحال جي ڳنڀيرتا ڏانهن اشارو ڪن ٿيون. اسٽيفن هاڪنگ هن ڌرتي تي انسان ذات کي وڌ ۾ وڌ سو سالن جو وقت ڏنو هو پر هاڻي ماهرن ان وقت کي گھٽائي ٽيهه سال ڪري ڇڏيو آهي. جيڪڏهين صورتحال ۾ سڌارو نه ٿو اچي ته پو خاص طور هن ڌرتي تي انسان جو وجود شايد باقي نه رهي.
رينازان انسان کي هن سڄي فطرت ۽ ڪائنات جو بادشاهه ڪري پيش ڪيو آهي. ان ڳالهه جو فائدو وٺندي انسان فطرت ۽ ٻي سڄي جيوت کي جيڪو نقصان رسايو آهي ان سندس پنهنجي وجود کي ئي خطري ۾ وجھي ڇڏيو آهي. گورباچيف صحت جي عالمي اداري جي هڪ اسٽڊي جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته انسان جي صحت ويهه سيڪڙو جينز، ويهه سيڪڙو ماحول، پنجاهه سيڪڙو زندگي گذارڻ جي طريقيڪار ۽ ڏهه سيڪڙو دوائن تي منحصر آهي. دوائون گھڻي ڀاڱي زندگي بچائڻ جي مقصد لا استعمال ٿينديون آهن. هو روس ۾ ٿيل هڪ اسٽڊي جو حوالو ڏيندي ٻڌائي ٿو ته جيڪڏهين ماحول ۾ سڌاري لا ڪي قدم نه کنيا ويا ۽ ان ۾ بگاڙ پيدا ٿيندو رهيو ته پو انساني صحت لا ماحول جي اهميت وڌي ويندي ۽ ان جو حصو چاليهه سيڪڙو ٿي ويندو جڏهين ته جينز ٽيهه سيڪڙو، زندگي گذارڻ جي طريقيڪار جو حصو پنجويهه سيڪڙو ۽ دوائن جو رڳو پنج سيڪڙو هوندو.
اولهه جي ترقي يافتا ملڪن جي اها دعوا آهي ته ترقي پذير ملڪن تي انهن جو هڪ کرب ستر ارب ڊالرن جو قرض باقي آهي. ليکڪ هڪ معيشت دان حافظ سبط جي ڪيل اسٽڊي جو حوالو ڏيندي ٻڌائي ٿو اولهه جي ملڪن پاران ٽين دنيا جي ملڪن جي وسيلن جي جنهن ريت ڦرمار ڪئي ويئي آهي ان جو جيڪڏهين ڪاٿو لڳايو وڃي ته بجائي اولهه جي قرض جي ٽين دنيا جي ملڪن جي اولهه جي ملڪن تي اٽڪل پنجاهه کرب ڊالر جي رقم واجب الادا ٿئي ٿي.
بهرحال هن وقت جيڪا صورتحال آهي اها ايڏي گھڻي اميد افزا ناهي. هڪ ننڍي ٿورائي جنهن جي هٿ ۾ هن دنيا جا وسيلا آهن ڪنهن به ريت ڪا وٿي ڏيڻ لا تيار ناهي ۽ پنهنجي حيثيت ۽ فائدن کي برقرار رکڻ لا ڪنهن به حد تائين وڃڻ لا تيار آهي جيڪا سڄي انسان ذات سميت سندس پنهنجي تباهي به ٿي سگھي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button