پاڪستانسنڌ

سمورن بورڊز ملازمن جي پگهارن جو مسئلو جلد حل ٿي ويندو: اسماعيل راهو

ڪراچي: يونيورسٽيز اينڊ بورڊز جي صوبائي وزير اسماعيل راهو طرفان بورڊز کي 50 ڪروڙ روپين جي گرانٽ ڏيڻ لاءِ سمري ناڻي کاتي ڏانهن اُماڻڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آھي.

صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو آهي ته گذريل سال به هڪ ارب 6 ڪروڙ رُپين جا فنڊز جاري ڪيا هئا.

رهيل ڏيڍ ارب روپين جا فنڊز به جلد بورڊز کي جاري ڪيا ويندا، سمورن بورڊز ملازمن جي پگهارن جو مسئلو جلد حل ٿي ويندو.

اسماعيل راھو جو چوڻ هو تھ بورڊز انتظاميا کي پنهنجي ڪليمز جا تصديق ٿيل تفصيل پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

يارهين ۽ ٻارهين درجي جا امتحاني نتيجا جلد جاري ڪرڻ جو به اعلان ڪيو ويو آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button