پاڪستانسنڌ

سپريم ڪورٽ طرفان وڏن قبصن بعد رستن، گهٽين، پاڙن ۽ فُٽ پاٿن تان حددخليون هٽائڻ جو به حڪم

ڪراچي: سپريم ڪورٽ وڏن قبصن بعد رستن، گهٽين، پاڙن ۽ فُٽ پاٿن تان حددخليون هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سنڌ جا سمورا ميونسپل ڪمشنرز کي طلب ڪيو ويو آھي.

عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته ميونسپل ڪمشنرز حددخليون هٽائي رپورٽ پيش ڪن، حيدرآباد، لطيف آباد ۽ قاسم آباد جي ميونسپل ڪمشنر کي نوٽيسز، ڄامشورو، بدين، جيڪب آباد، ٺٽو، لاڙڪاڻو ۽ سکر جا ميونسپل ڪمشنرز طلب ڪيا ويا آهن.

سپريم ڪورٽ سانگهڙ، ڪمشور، خيرپور، مٽياري، شڪارپور، ٿرپارڪر ۽ سجاول جي ميونسپل ڪمشنرز کي طلب ڪري ورتو آھي.

عدالت طرفان ميرپور خاص، قمبر، عمرڪوٽ، نوشهروفيروز، شهدادڪوٽ ۽ بينظيرآباد جي ميونسپل ڪمشنرز کي رپورٽ سوڌو طلب ڪيو ويو آھي.

ڪراچي جي به سمورن ڊي ايم سي ايڊمنسٽريٽرز کي رستن، پاڙن، گهٽين ۽ فُٽ پاٿن تان حددخليون هٽائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button