عالمي

آمريڪا فلسطين ۾ وڌيڪ يهودي آبادڪاري جي مخالفت ڪري ڇڏي

آمريڪا فلسطين جي تڪراري علائقي ۾ يهودي آبادڪاري تي اسرائيل کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته اهڙي عمل سان امن ڪوششن کي نقصان پهچندو. پرڏيهي خابرو اداري موجب اسرائيل 2 ڏينهن اڳ الهندي ڪناري ۾ يهودي آبادڪاري ۾ واڌ واري منصوبي جي شروعات ڪئي هئي، آمريڪي پرڏيهي وزارت جي ترجمان نيڊ پرائيس پريس بريفنگ ڏيندي چيو ته اسان کي الهندي ڪناري واري علائقي ۾ اسرائيلي حڪومت طرفان هزارين يهودين جي آبادڪاري ۾ واڌ جي منصوبي تي ڳڻتي آهي ۽ اسان ان جي مخالفت ڪيون ٿا. نيڊ پرائيس وڌيڪ چيو ته اسرائيل جو اهو قدم ڪجهه سالن کان جاري امن جي ڪوششن سان مطابقت نه ٿو رکي، ان سال فلسطين مسئلي جي 2 رياستي حل جي امڪانن کي به نقصان پهچندو آهي، جنهن تي پهرين به اسرائيل کي سڌي ريت خبردار ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button