پاڪستانخيبرپختونخوا

افغانستان کان دهشتگردن جي فائرنگ، پاڪ فوج جا 2 جوان شهيد

افغانستان مان دهشتگردن جي سيڪيورٽي فورسز تي فائرنگ جي نتيجي ۾ پاڪ فوج جا 2 جوان شهيد ٿي ويا. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آ ايس پي آر موجب ڪرم جي علائقي ۾ افغان دهشتگردن پاڪ افغان سرحد تي ڪنڊيدار تار پار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پاڪ فوج وقت سر جوابي ڪارروائي ڪندي سرحدي خلاف ورزي جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي. ان دوران شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ڪرم جو رهواسي 24 سالن جو لائنس نائيڪ اسد ۽ لڪي مروت جو رهواسي 21 سالن جو آصف شهيد ٿي ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button