پاڪستانخيبرپختونخوا

لڪي مروت ويجهو پوليس وين تي فائرنگ، اي ايس آ سميت 4 اهلڪار شهيد

لڪي مروت ۾ پوليس وين تي نامعلوم ماڻهن جي فائرنگ ۾ اي ايس آ سميت 4 اهلڪار مارجي ويا، ايڪسپريس نيوز موجب لڪي مروت ۾ ميانوالي روڊ تي واقع زين الدين فلنگ اسٽيشن ويجهو نامعلوم ماڻهن صدر پوليس اسٽيشن ٿاڻي جي پوليس جي گشتي ٽيم تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 4 پوليس اهلڪار موقعي تي ئي مارجي ويا. واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويا، اهلڪارن جا لاش سٽي اسپتال لڪي مروت منتقل ڪيا ويا، جتي سندن سڃاڻپ اي ايس آ يعقوب خان، اهلڪار مستقيم پهاڙ خيل، اهلڪار انعام عيسى خيل ۽ ڊرائيور رحيم الله جي نالي سان ٿي آهي، اهلڪارن جا لاش ضابطي جي ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي واري هنڌ تان ثبوت ۽ اکين ڏٺي شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪري ورتا آهن، مختلف جاين تي ناڪابندي ڪري جوابدارن جي ڳولا ڪري رهيا آهيون

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button