عالمي

ايران داعش کي آمريڪا جي پراڪسي وار فورس قرار ڏئي ڇڏيو

طالبان حڪومت جي مستقبل جي حوالي سان ايران جي ميزباني ۾ چين، روس، پاڪستان، تاجڪستان، ازبڪستان ۽ ترڪمانستان جي پرڏيهي وزيرن جي اهم اجلاس ۾ افغانستان ۾ مخلوط حڪومت جي قيام تي زور ڏنو ويو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب ايران افغانستان ۾ سمورن قوميتن ۽ طبقن جي نمائندن تي مشتمل جامع حڪومت جي جوڙجڪ جي سلسلي ۾ پاڙيسري ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جو اهم اجلاس ٿيو، اجلاس دوران ايران جي نائب صدر محمد مخبر چيو ته افغانستان ۾ آمريڪي پاليسين جي شڪست جو مطلب اهو ناهي ته آمريڪا پوري خطي ۾ پنهنجي تباهه ڪندڙ پاليسين کي ترڪ ڪري ڇڏيو آهي، هن داعش کي آمريڪا جي پراڪسي فورس قرار ڏيندي چيو ته هاڻ آمريڪا افغانستان ۾ خانه جنگي کي ڀڙڪائڻ لا داعش جو استعمال شروع ڪري ڇڏيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button