
پاڪستان جي اڳوڻي تيز بالر شعيب اختر سان بدتميزي واري معاملي جي جاچ ۾ ميزبان نعمان نياز ڏوهي قرار ڏنو ويو آهي. ميڊيا مطابق پي ٽي وي جي لائيو پروگرام ۾ شعيب اختر سان ميزبان نعمان نياز بدتميزي ڪندي شو مان نڪري وڃڻ جو چيو هو، جنهن بابت پي ٽي وي جي ڪاميٽي شروعاتي رپورٽ ۾ ميزبان کي ڏوهي قرار ڏنو آهي. جڏهن تھ اختيارين نعمان اعجاز کي ڪجهه ڏينهن لا آف لائن ڪرڻ جو رٿي ڇڏيو آهي.