ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

انتهاپسند تشدد جو آخر ڪهڙو حل آهي؟

ٽي ايل پي يعني تحريڪ لبيڪ پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر پرتشدد احتجاج جي واٽ ورتي آهي. اهو احتجاج جيڪو گذريل ڪجهه ڏينهن کان جاري آهي، ان هن مهل تائين پنجن پوليس اهلڪارن جي زندگي جا ڏيئا وسائي ڇڏيا آهن. حڪومت ۽ ٽي ايل پيءَ ۾ جيڪي به مذاڪرات ٿيا آهن، اهي هن مهل تائين ڪامياب ٿي نه سگهيا آهن. جيتوڻيڪ حڪومت ڪجهه وقت اڳ ۾ تحريڪ لبيڪ پاڪستان کي “ڪالعدم” قرار ڏنو هو پر ٽي ڏينهن اڳ گهرو وزير شيخ رشيد جو اهو بيان آڏو آيو هو ته ٽي ايل پيءَ تي لڳل پابندي هٽائي پئي وڃي. هونءَ به ٽي ايل پيءَ جي مٿان جيڪا پابندي عائد ٿيل هئي، اها نالي ماتر هئي. ڇو ته ٽي ايل پي نه رڳو اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان وٽ رجسٽرڊ ٿيل پارٽي آهي پر ان جا اسيمبلي ميمبر به موجود آهن. جيڪڏهن ان جي مٿان پابندي عائد ٿئي ها ته آئين مطابق ڪارروائي به ٿئي ها پر اسان ڏٺو ته ان جماعت کي عملي طور تي ڪجهه نه ٿيو.
حڪومت جو موقف آهي ته ٽي ايل پي مذاڪرات جي حوالي سان هڪ ڦرڻي گهرڻي جماعت آهي. ٽي ايل پي ڪيتري ڦرڻي گهرڻي آهي؟ اهو هڪ الڳ سوال آهي پر ٽي ايل پيءَ جي باري ۾ حڪومت جو موقف آخر هڪ جاءِ تي ڇو نه ٿو بيهي؟ حڪومت ڪڏهن ان جماعت کي محترم ڪوٺي ٿي ۽ ڪڏهن ان کي اها انتهاپسند جماعت قرار ڏئي ٿي، جنهن حڪومت جي رٽ کي چئيلنج ڪيو آهي. هن مهل به حڪومت سخت پريشان آهي ته آخر ٽي ايل پيءَ جو ڇا ڪجي؟ جڏهن ته اصل معاملو ٽي ايل پيءَ جو ناهي. اصل معاملو ٽي ايل پيءَ کان به اڳ جو آهي. ٽي ايل پيءَ جي وجود ۾ آئي ته ٿورو وقت ٿيو آهي پر اسان جي رياست مذهب جي نالي ۾ جهڙي طرح ڪجهه مخصوص گروهن جي هٿياربند سرگرميءَ کي اتساهه ڏيندي رهي آهي، اهو عمل هن مهل تائين به پنهنجي منطقي انجام تائين نه پهتو آهي. توڙي جو هن ملڪ جي ذهين ۽ محب وطن ماڻهن ماضيءَ ۾ ئي اهو چتاءُ ڏنو هو ته جيڪو تجربو اسٽيبلشمينٽ ڪري رهي آهي، اهو اڳتي هلي رياست جي ڳچيءَ ۾ پوندو. اها ڳالهه ان مهل ثابت ٿي جڏهن افغانستان ۾ جهاد ڪندڙ قوتون روس جي نڪرڻ کان پوءِ اقتدار تي اٽڪي پيون ۽ افغانستان هڪ نه ختم ٿيندڙ گهرو جنگ ۾ ڦاسي ويو.
افغانستان ۾ جهڙي طرح طالبان کي هر طرح سان سپورٽ ڪيو ويو ته پاڪستان جي سرحدي علائقن ۾ به ان قسم جي طالبنائيزيشن پيدا ٿيڻ هڪ فطري عمل هو. هڪ طرف اسٽيبلشمينٽ افغان طالبان کي سپورٽ ڪري رهي هئي ۽ ٻي طرف اها مقامي طالبانن کي پرامن رهڻ جي تلقين ڪري رهي هئي. جڏهن ته اهو بيانيو ڪنهن به طرح سان عمل ۾ نه اچڻ جهڙو هو. اسان پاڪستان جي طالبان جون جيڪي ڪارروايون ڏٺيون اهي ناقابل برداشت هيون. انهن جهڙي طرح ڇوڪرين جي اسڪولن کي بارود سان اڏائڻ شروع ڪيو ۽ انهن جهڙي ريت فنڊز نه هجڻ سبب جرمن جي دنيا ۾ قدم رکيو ۽ اغوا توڙي ڀتو هڪ انڊسٽريءَ جي طور تي آپريٽ ڪرڻ لڳو. اهي طالبان ئي هئا، جن سختي ڪرڻ تي ملڪي فوج جي مٿان حملا ڪرڻ شروع ڪيا. هڪ وقت اهڙو به هو، جڏهن پاڪستان خودڪش حملن جو خطرناڪ حد تائين نشانو بڻجي ويو. اسان اهو به ڏٺو ته ڪهڙي طرح خوڪش فورسز هڪ انڊسٽريءَ جي طور تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو هو. اهي ڏينهن پاڪستان جي لاءِ ناقابل فراموش آهن. خاص طور تي جڏهن پاڪستاني طالبان پشاور ۾ ٻارن جي اسڪول جي مٿان نه رڳو حملو ڪيو هو پر ٻارن جو اسڪول مقتل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو هو. ان وقت عمران خان اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻي ويٺو هو ۽ ان عمل کان پوءِ پوري پاڪستان جون پارٽيون گڏجي امن لاءِ ڪم ڪرڻ لڳيون.
پاڪستان جو وڏو مسئلو اهو به آهي ته اسان جي ملڪ پنهنجي ماضيءَ مان ڪجهه به سکڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. اسان کي اهو معلوم هجڻ گهرجي ته ڪنهن به انتهاپسند نظرئي تي جيڪڏهن ڪجهه قوتن کي ڪٺو ڪبو ته اهي سڀاڻي هلي پنهنجي پيدا ڪندڙن جي خلاف به ٿي سگهن ٿيون ۽ پاڪستان ۾ ته گهڻو ڪري اهو ئي ڪجهه ٿيو آهي. پاڪستان ۾ ڪڏهن به انهن قوتن تي ڪنٽرول قائم نه ٿيو آهي، جيڪي قوتون ابتدا ۾ جمهوريت جي راهه روڪڻ جي لاءِ پيدا ٿينديون هيون ۽ اڳتي هلي اهي اسٽيبلشمينٽ سان ٽڪراءَ ۾ اچي وينديون هيون. ٽي ايل پيءَ جي سلسلي ۾ به پاڪستان جي باخبر صحافين جي اها راءِ آهي ته ان کي ميان نواز شريف جي مٿان دٻاءُ وجهڻ لاءِ وجود ۾ آندو ويو ۽ جيڪڏهن اسان جي ملڪي اسٽيبلشمينٽ مٺو نه ڀانئي ته خود نواز شريف کي سياسي طور تي سگهارو ڪيو ويو هو ته جيئن پيپلز پارٽيءَ تي دٻاءُ وجهجي ۽ هن مهل تاريخ جو اهو به عجب تماشو آهي ته ميان نواز شريف سياسي طور تي اسٽيبلشمينٽ جي مٿي ۾ وڌيڪ سور وجهي ويٺو آهي. جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي موجود قيادت اسٽيبلشمينٽ سان سٺا تعلقات رکڻ جي لاءِ واجهون پئي وجهي پر ميان نواز شريف سرعام ملڪي اسٽيبلشمينٽ کي خوار ڪري رهيو آهي. ان سلسلي ۾ ڪيترائي مثال پيش ڪري سگهجن ٿا. ڪراچيءَ ۾ جيڪو تجربو ڪيو ويو اهو به ايم آر ڊي جي جمهوري تحريڪ جو ٽوڙ ڳولهڻ جي لاءِ ڪيو ويو هو پر ان جو نتيجو اڳتي هلي ڇا نڪتو؟
روبوٽن ۽ انسانن ۾ اهو فرق آهي، روبوٽ هميشه حڪم جو غلام رهي ٿو پر انسان پنهنجا مفاد تبديل ٿيڻ تي تبديل ٿي وڃي ٿو. هن وقت جيڪو ڪجهه به ٿي رهيو آهي، اهو مفادن جو کيل ئي ته آهي. جڏهن به اسان جي اسٽيبلشمينٽ ماضيءَ کان سکڻ بدران ماضيءَ جهڙو ڪو تجربو ڪندي آهي ته ان جو نتيجو اهڙو ئي نڪرندو آهي. ٽي ايل پيءَ جي سلسلي ۾ جيڪو جن بوتل مان ڪڍيو ويو اهو هاڻي ٻيهر بوتل ۾ وڃڻ جي لاءِ تيار ناهي ۽ شيخ رشيد جهڙو پنڊي جو عوامي پنجابي به جڏهن ٽي ايل پيءَ وارن کي نه پرچائي سگهي ته پوءِ انهن کي مڃرائڻ جي لاءِ ڪير ايندو؟ هڪ ته پنجاب ۾ پوليس جو جيڪو مورال ڪري پيو آهي، ان کي کڻڻ ۾ به تمام گهڻيون مشڪلاتون پيش اينديون. هن مهل جي رپورٽ اها آهي ته ٽي ايل پيءَ کي قابو ڪرڻ جي لاءِ پوليس کي هٽائي ان جي جاءِ تي رينجرز کي رکيو ويو آهي. رينجرز کي روڊن تي آڻڻ جو مطلب حڪومت کي سمجهه ۾ اچڻ گهرجي پر حڪومت هن مهل تائين ڪجهه به سمجهڻ لاءِ تيار نظر نه ٿي اچي.
حڪومت کي اها ڳالهه سمجهڻي پوندي ته تشدد ۽ سياست ڪڏهن به پاڻ ۾ گڏجي نه ٿا هلي سگهن. اهڙين قوتن تي ڪهڙي طرح قبول ڪيو ٿو وڃي، جيڪي ملڪي ادارن کي تسليم نه ڪن ۽ هر شيءَ مان پنهنجا مطلب ڪڍن. اسٽيبلشمينٽ ته انهن جي پٺيءَ تي ٺپڪي ان لاءِ اڏني هئي ته هو ميان نواز شريف جي مٿي ۾ سور وجهن پر جڏهن انهن اهو مطالبو ڪيو ته هو فرانس جي سفير کي پاڪستان ۾ ڏسڻ نه ٿا چاهين ۽ انهن جو مطالبو آهي ته فرانس جو سفير پاڪستان مان ڪڍيو وڃي ته اهو معاملو ڪنهن به ملڪ جي لاءِ تمام مشڪل آهي. ڇو ته هڪ انتهاپسند ۽ پرتشدد گروپ ملڪ ۾ قانون هي رٽ کي ڪهڙي طرح سان پاش پاش ڪري سگهي ٿو؟ انهن کي اها خبر هجڻ گهرجي ته پاڪستان معاشي مصيبتن کي منهن ڏئي رهيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ پوري يورپ جي عملي طور تي توهين ڪرڻ ۽ ان جو عملي بائيڪاٽ ڪرڻ جو مطلب ڪهڙو آهي؟ جيڪڏهن ٽي ايل پيءَ جي قيادت کي ان اجو احساس به هجي ها ته هن مهل انهن جا مطالبا اهڙا هرگز نه هجن ها. ڇو ته پاڪستان تمام ڪمزور حالت ۾ آهي. پاڪستان جي مدد جيڪڏهن سعودي عرب نه ڪري ها ته پاڪستان تمام وڏي مسئلي ۾ ڦاسي وڃي ها. پاڪستان جا ڪجهه خاندان تمام گهڻا امير آهن پر انهن جي اميريءَ جو بنياد به ملڪي غربت جي مٿان رکيل آهي. پاڪستان قرض تي هلندڙ ملڪ طور تي مشهور آهي. پاڪستان جي هر حڪومت کي آءِ ايم ايف جون شرطون تسليم ڪري قرض وٺڻو ٿو پوي. هر سياسي پارٽي ڪشڪول ٽوڙڻ جو اعلان ڪري ووٽ وٺندي آهي ۽ حڪومت ۾ اچڻ کان پوءِ بنا ڪنهن جي چوڻ جي هن کي اهو ڪشڪول کڻڻو پوندو آهي.

دنيا جا غريب ملڪ مسئلن ۾ به وڌيڪ هوندا آهن. انهن جي غربت جو سبب به انهن جون اهي پاليسيون هجن ٿيون، جيڪي ڪنهن به طرح سان مثبت نه هونديون آهن. پاڪستان ۾ انتهاپسند سوچ کي عمل ۾ اچڻ جي اجازت ڏيڻ ۽ انهن کي پنهنجي سياسي فائدي لاءِ وڌڻ ويجهڻ جو موقعو فراهم ڪرڻ هڪ وڏي غطي آهي. پاڪستان ۾ اهڙيون غلطيون ٿينديون رهيون آهن. انهن غلطين مان هڪ غلطي اها به آهي، جنهن کي سڌارڻ جي لاءِ حڪومت ڪجهه به نه ٿي ڪري سگهي. اها ڌر جيڪا هڪ انتهائي موقف رکي ويٺي آهي، ان کي معلوم هجڻ گهرجي ته هن جو اهو موقف ڪنهن به طرح تي قبول نه ڪيو ويندو ۽ ان جي نتيجي ۾ اهو گروهه عام ماڻهن کي ساڻ ڪري جهڙي طرح پوليس سان مقابلا ڪري رهيو آهي ۽ پوليس جا اهلڪار شهيد ٿي رهيا آهن ته ان صورتحال کي ڪو به ملڪ برداشت ڪري نه ٿو سگهي. دليل ته ڪنهن وٽ به ٿي سگهي ٿو. پوءِ اهو دليل صحيح هجي يا غلط ان سان ڪهڙو فرق پوي ٿو؟ جڏهن ٽي ايل پي يا پاڪستاني طالبان سان ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون، تڏهن هو افغان طالبان جو مثال پيش ڪن ٿا. اهي پڇن ٿا ته جيڪڏهن پاڪستان افغان طالبان کي تسليم ڪري ٿو ته پوءِ اسان جو ڪهڙو قصور آهي؟ ظاهر آهي ته ڪنهن به حڪومت جي نمائندي وٽ ان جو اهڙو جواب ناهي، جيڪو انهن کي مڪمل طور تي مطمئن ڪري سگهي. ان ڪري حڪومت ۽ انتهاپسندن جون ڳالهيون ڪامياب ٿي نه ٿيون سگهن ۽ اهي ڳالهيون ڪامياب ٿي به سگهنديون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button