اسلام آبادپاڪستان

اسلام آباد ۾ هن وقت ڪو فرانسيسي سفير ناهي:پرڏيهي کاتو

پرڏيهي کاتي جي ترجمان عاصم افتخار چيو آهي ته هن وقت اسلام آباد ۾ ڪو فرانسيسي سفير ناهي. ڪالهه ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسلام آباد ۾ هن وقت ڪو فرانسيسي سفير ناهي، گهرو وزارت به ان معاملي تي وضاحت ڏني آهي. بيان موجب وزيراعظم گهڙي گهڙي چيو آهي ته افغانستان جي صورتحال جو پاڪستان تي سڌي ريت اثر پوندو. اسان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جا خواهشمند آهيون. افغانستان پاڪستان ۾ سفارتخانن ۽ قونصل خانن ۾ نوان آفيسر مقرر ڪيا آهن، انهن ٻين سفارتخانن ۾ اهڙيون ئي مقرريون ڪيون آهن. پرڏيهي ترجمان چيو ته اسان کي والاريل ڪشمير ۾ امن امان جي ابتر صورتحال تي سخت خدشا آهن، اسان کي ڏسڻو پوندو ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ڇا ڪري رهيو آهي. والاريل ڪشمير ۾ انساني آزاديون معطل آهن، پاڪستان ڪشميرين جي مالي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button