اسلام آبادپاڪستان

ٽي ايل پي جي حمايت ۾ سوشل ميڊيا هلائيندڙن خلاف آپريشن شروع

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) جي سائبر ڪرائم ڪالعدم ٽي ايل پي جو سوشل ميڊيا هلائيندڙن خلاف آپريشن شروع ڪري ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ايف آءِ اي موجب لاهور، بهاولپور، فيصل آباد، ننڪانه صاحب، اسلام آباد ۽ ٻين شهرن ۾ آپريشن ڪيو ويو، مختلف شهرن ۾ آپريشن دوران 12 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو. اختيارين جو چوڻ آهي ته گرفتار ماڻهو سوشل ميڊيا تي چڙ ڏياريندڙ مواد ۽ جعلي تصويرون اپ لوڊ ڪري رهيا هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button