اسلام آبادپاڪستان

هاءِ ڪورٽ جي منع نامي سبب زرداري تي فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو

اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ شنوائي هيٺ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري خلاف 8 ارب جي شڪي ٽرانزيڪشن ريفرنس ۾ فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو. احتساب عدالت جي جج اعظم خان اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ ٻين جوابدارن خلاف 8 ارب رپين جي شڪي ٽرانزيڪشن جي حوالي سان ريفرنس تي شنوائي ڪئي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو وڪيل فاروق ايڇ نائڪ جڏهن ته نيب پاران پراسيڪيوٽر وسيم جاويد عدالت ۾ پيش ٿيا. ان دوران اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي منع نامي سبب جوابدارن تي فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو لکت حڪم نامو جج اصغر علي کي پيش ڪيو ويو. عدالت ريفرنس تي شنوائي 18 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button