
وزيراعظم عمران خان ڪالعدم تنظيم جي احتجاج سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کي ڏسندي اڄ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪري ورتو. قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ اعليٰ عسڪري اختياريون، انٽيليجنس سربراهه، وفاقي وزير ۽ ٻيا شريڪ ٿيندا. ان حوالي سان سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري طرفان بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪالعدم جماعت جي سرگرمين سان پيدا ٿيندڙ صورتحال کي نظر ۾ رکندي وزيراعظم عمران خان اڄ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪيو آهي، اجلاس ۾ قومي سلامتي جي حوالي سان ٻيا معاملا به غور هيٺ ايندا.