پاڪستانسنڌ

نيب آرڊيننس تي جج به پريشان آهن ته ڇا ڪيو وڃي: شاهد خاقان عباسي

ڪراچي: (ن) ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته نيب جو نئون قانون به اچي ويو، ڪنهن کي اهو قانون اڃا تائين سمجهه ۾ ناهي آيو، هاڻ ته جج به پريشان آهن ته ڇا ڪيو وڃي، نيب آرڊيننس بدنيتي تي ٻڌل آهي.

ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ نيب ريفرنس جي ٻڌڻي کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته هي نالي ماتر احتساب جو عمل آهي، نيب جو نئون قانون چيئرمين جي نوڪري ۾ واڌ لاءِ آندو ويو آهي، سڀني معاملن کي ڳجهو رکڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

هن چيو ته چئن هفتن ۾ رپيو وڌيڪ ڪمزور ٿي ويو آهي، چونڊون چوري ٿينديون ته معاملا ڏکيائين جو شڪار ئي ٿيندا، ملڪ ۾ مهانگائي خلاف پي ڊي ايم احتجاج ڪري رهي آهي.

هن جو چوڻ هو ته اڄ صحافت جي آزادي ڪٿي پهچي وئي آهي، صحافي دٻاءَ ۾ آهن، پاڪستان جي مسئلن جو واحد حل شفاف چونڊون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button