پاڪستانسنڌ

سنڌ ۾ ڪرونا وگهي وڌيڪ 6 مريض فوت، انگ 7563 ٿي ويو

ڪراچي: سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪرونا وائرس سبب وڌيڪ 6 مريض فوت ٿيا، جنهن کانپوءِ فوتين جو انگ 7563 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 13245 ٽيسٽون ڪرائڻ سان 343 نوان ڪيس سامهون آيا آهن.

اها ڳالهه سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪالهه وزيراعليٰ هائوس مان جاري هڪ بيان ۾ چئي. هن وڌيڪ چيو ته ڪرونا وائرس سبب وڌيڪ 6 مريض پنهنجيون حياتيون وڃائي ويٺا، جنهن سان فوتين جو انگ وڌي 7563 ٿي ويو آهي، جيڪو فوتين جي شرح جو 1 ڏهائي 6 سيڪڙو آهي.

سيد مراد علي شاهه چيو ته 13245 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان 343 ڪيس ظاهر ٿيا، جيڪا 2 ڏهائي 6 سيڪڙو موجوده تشخيصي شرح آهي.

هن وڌيڪ چيو ته هيستائين 6374344 ٽيسٽون ڪيون ويون آهن، جن مان 468140 ڪيسن جي تشخيص ٿي آهي، جن مان 95 ڏهائي 9 سيڪڙو يعني 449003 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن، جن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ صحتياب ٿيندڙ 306 مريض پڻ شامل آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button