اسلام آبادپاڪستان

ثقافت ۽ تاريخ بابت ڄاڻ ڏيڻ لا ڊراما ۽ فلمون ٺاهينداسين:وزيراعظم

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نشري مواد جهڙوڪ ڊراما، ڪارٽون ۽ فلمون ٺاهيون وينديون جنهن جو مقصد پنهنجي ڪلچر ۽ تاريخ بابت نوجوان نسل کي ڄاڻ ڏيڻ هوندو. خميس تي وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ رحمت اللعالمين اٿارٽي تي اڳڀرائي واري جائزي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزير پير نورالحق قادري، شفقت محمود، ڊاڪٽر انيس احمد، صاحبزاده سلطان احمد علي ۽ پروفيسر اعجاز اڪرم شرڪت ڪئي. اجلاس کي رحمت اللعالمين اٿارٽي تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. ٻڌايو ويو ته اٿارٽِي جو آرڊيننس جاري ٿي چڪو، 6 ميمبرن تي ٻڌل بورڊ جي صدارت وزراعظم پاڻ ڪندو. بورڊ ميمبرن ۾ مقامي ۽ پرڏيهي سطح جا محقق شامل هوندا. وزيراعطم هدايت ڪئي ته ميمبرن جي مقرري ۾ ميرٽ جو خاص خيال رکيو وڃي. اسلامي خانداني نظام ۽ ان جا معاشري تي هاڪاري اثرن تي به جاچ ٿيڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي بقا، اخلاقي قدرن کي مضبوط ڪرڻ ۾ آهي، اخلاقي قدرن جي بهتري لاءِ پاڻ سڳورن صلعم جي سيرت طيبه رهنمائي جو بهترين ذريعو آهي. عمران خان چيو ته اٿارٽي اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽي، ميڊيا ۽ پرڏيهي سطح تي تحقيق جي ذريعي سيرت طيبه جي عملي زندگي مددگار ثابت ٿيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button