اسلام آبادپاڪستان

ٻاهر ملڪ جي ڪاروبار دوست ماحول مان فائدو کڻن:عارف علوي

صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني ملڪ جي ڪاروبار دوست ماحول مان فائدو کڻن. حڪومت انفارميشن ٽيڪنالاجي، جانور پالڻ، معيشت جي ٻين اهم شعبن ۾ سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خميس ڏينهن محمد نواز ملڪ جي قيادت ۾ آسٽريليا ۾ رهندڙ پاڪستانين جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان سازگار ڪاروباري ماحول، سيڙپڪاري متوجهه ڪرڻ لاءِ آزاداڻي سيڙپڪاري پاليسي اختيار ڪئي، ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني جي انڊيڪس ۾ پاڪستان جي درجا بندي 136 کان 108 هين نمبر تي اچي وئي. اوورسيز پاڪستاني مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻن. صدر چيو ته حڪومت اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي جي قيام جي ذريعي آءِ ٽي شعبي کي مضبوط بڻائڻ لاءِ قدم کنيا. اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي ون ونڊو سهولت مان پرڏيهي سيڙپڪارن کي سهولت فراهم ڪئي. صدر مٽاسٽا جي ناڻي، مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري سان ملڪي معيشت جي فروغ ۾ اوورسيز پاڪستانين جي ڪردار کي ساراهيو. وفد ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته ڪيٽل فارمنگ ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي رکون ٿا، پاڪستان ۾ ماڊل ڪيٽل فارم قائم ڪرڻ چاهيون ٿا. ملڪ جو مثبت تشخص اجاگر ڪرڻ، آسٽريلوي ڪاروبارن ۽ اوورسيز پاڪستانين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي ترغيب لاءِ ڪم ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button