ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڪراچيءَ ۾ استادن تي تشدد

Editorial

سنڌ ۾ استادن جا احتجاجي مظاهرا گذريل ڪجهه سالن کان هلندڙ آهن. مظاهرو ڪندڙن کي چٿڻ لاءِ حڪومت سدائين تشدد جي واٽ وٺندي آهي ۽ ائين اهو سلسلو هلندو رهندو آهي. ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ ڪنهن به مظاهري تي تشدد ڪرڻ سنڌ حڪومت ۽ پوليس جي روايت بڻجي وئي آهي. ڪنهن شعبي سان لاڳاپيل طبقي جو اهو بنيادي حق آهي ته مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪري سگهي ٿو. مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪرڻ جو مقصد اهو هوندو آهي ته جيئن متاثر ڌر جي ڳالهين کي ٻڌو وڃي. ان جي مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي پر ان جو حل تشدد جي واٽ ناهي ۽ نه ئي اهي معاملا تشدد وسيلي حل ٿي سگهن ٿا. ڪراچي ۾ ٿيندڙ مظاهرن جي حوالي سان اهو پڻ نوٽ ڪيو ويو آهي ته جڏهن به سنڌي ڳالهائيندڙ احتجاج ڪندا آهن ته سنڌ پوليس ڪنهن ڪڙڪ صوبيدار وانگر انهن مٿان ڪڙڪي پوندي آهي، جڏهن ته ٻين قوميتن جا ماڻهو ڀلي ڪيترو به تشدد ڀريو احتجاج ڪن پر پوليس انهن کي ڪجهه ناهي ڪندي، ويتر سنڌ حڪومت انهن سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ پنهنجا نمائندا ميدان ۾ لاهي ڇڏيندي آهي. پر جيئن ته سنڌي ماڻهن جي سنڌ حڪومت به مالڪي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، تنهنڪري اهي سدائين تشدد جو شڪار ٿيندا آهن ۽ انهن جي مطالبن کي به اڻ ٻڌو ڪيو ويندو آهي. پرامن احتجاج جو سڏ ڏينهن ته غير اخلاقي آهي ۽ نه ئي وري غير آئيني آهي. تنهنڪري سنڌ حڪومت احتجاج ڪندڙ جا ناجائزي ڪري رهي آهي.
ڪراچي ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندڙ اين ٽي ايس ۽ آءِ بي اي پاس اميدوارن تي ڪالهه ٻئي ڏينهن به پوليس ڪڙڪي پئي، جنهن ۾ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. اين ٽي ايس پاس اميدوران سي ايم هائوس ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش ڪئي ته چڪريون شروع ٿيون. پوليس مظاهرو ڪندڙن کي ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيندي مٿن لٺبازي ڪئي، جنهن ۾ ڪيترائي زخمي ٿي پيا ۽ 30 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو. پوليس سنڌ اسيمبلي آڏو ڌرڻو هڻي ويٺل آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن تي به ڪڙڪي پئي، اهلڪار لٺبازي ڪندي اميدوارن کي گهلي گهلي گرفتار ڪندا رهيا. اين ٽي ايس پاس اميدوارن جو چوڻ آهي ته 2013ع ۾ ٽيسٽ پاس ڪرڻ باوجود آفر آرڊر نه ڏنا ويا آهن. آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جو چوڻ آهي ته 2021ع ۾ ٽيسٽ پاس ڪئي، هاڻي هارڊ ايريا جي نالي تي من پسند ماڻهن کي آرڊر ڏنا پيا وڃن. هنن استادن پاران هي ڪو پهريون مظاهرو ناهي ڪيو ويو. پر ان کان اڳ به اهڙا مظاهرا ٿيندا رهيا آهن. اهي سڀ اين ٽي ايس پاس استاد آهن، اين ٽي ايس هڪ ساکائتو ادارو آهي ۽ ان اداري پاران جيڪي اميدوار پاس تي پهتا آهن، انهن کي ڪنهن به ريت ڊس ڪوليفاءِ نٿو ڪري سگهجي. ڇاڪاڻ ته اهي سڀ هڪ جائز طريقيڪار سان استاد ٿيا آهن ۽ انهن هيترا سال انتظار ڪيو آهي. جيڪڏهن انهن جون پوسٽون جائز نه هيون ته اهو معاملو شروع اتي سالن ئي ڇو نه اٿاريو ويو ۽ لاڳاپيل اداري کان ان جو ڀڇاڻو ڇو ڪيو ويو ته ڪهڙي ريت انهن کي تعليم کاتي ۾ ڀرتي ڪرڻ لاءِ ٽيسٽ ورتي وئي. سنڌ ۾ هونئن ماڻهن لاءِ روزگار جا وسيلا محدود ٿيندا پيا وڃن ۽ مٿان وري ٽيسٽ پاس ڪندڙن کان به روزگار جو موقعو کسيو ويندو ته سنڌ ۾ بيروزگار جو انگ اڃا به وڌي ويندو.
اسين سمجهون ٿا ته ڪراچيءَ ۾ مظاهرو ڪندڙ ڪنهن به ڌر تي تشدد جي واٽ نه ورتي وڃي پر انهن کي احتجاج ڪرڻ جو پورو پورو حق ڏنو وڃي. انهن جي مطالبن کي ٻڌڻ جي روايت وڌي وڃي ۽ ان کان سواءِ ان ڳالهه ڏانهن به ڌيان ڏنو وڃي ته سنڌ حڪومت اوچتو ئي اوچتو ڪيئن سجاڳ ٿي ويندي آهي ۽ ڀرتي ٿيل ملازمن کي ناجائز قرار ڏيندي، انهن جون نوڪريون ختم ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيندي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button