رانديون

آسٽريليا جو مشهور رگبي رانديگر ليام هيمپسن جو لاش مليو

آسٽريليا جي رگبي ٽيم جو مشهور رانديگر ليام هيمپسن جو نائٽ ڪلب مان لاش مليو آهي. ميڊيا مطابق ليام هيمپسن نيشنل رگبي ليگ جي ٽيم جي دوستن سان گڏ گهمڻ ويو ۽ گم ٿي ويو، بعد ۾ وارثن کي سندس لاش ملڻ جو اطلاع ڏنو ويو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ پوليس رانديگر جي موت جي جاچ ڪري رهي آهي. جڏهن تھ پوليس جو چوڻ آهي تھ شروعاتي جاچ ۾ موت عمارت جي اوچائي تان هيٺ ڪرڻ سبب ٿيو آهي، معاملي ٻين رخن ۾ بھ ڏسي رهيا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button