رانديون

پاڪستاني ٽيم ڀارت خلاف ميچ کيڏڻ ميلبورن پهچي وئي

پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم ڀارت خلاف ميچ کيڏڻ جي ڏس ۾ برسبين مان ميلبورن پهچي وئي آهي. ميڊيا مطابق ڀارت سان پاڪستان جي پهرين ميچ 23 آڪٽوبر تي ٿيندي، جڏهن تھ قومي ٽيم جا رانديگر اڄ پريڪٽس ڀرپور پريڪٽس ڪندا. هوڏانهن ميڊيا سان ڳالهائيندي پاڪستاني ٽيم جي ڪپتان بابراعظم چيو آهي تھ انتظار آهي تھ ڀارت خلاف کيڏون، اسان جي تيز بالرن جو مضبوط اٽيڪ حق ۾ ويندو. هن چيو تھ ميگا ايونٽ کٽڻ جي ڪوشش ڪنداسين، ايونٽ کان اڳ مليل ڪاميابين سان اعتماد مليو آهي. هوڏانهن ڀارتي ڪپتان روهت شرما جو چوڻ آهي تھ يقينن پاڪستان سان ميچ وڏو مقابلو آهي، پر باقي مقابلن تي بھ ڏيان ڏيڻو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button