رانديون

سريلنڪا سپر 12 مرحلي ۾ پهچي وئي، نيڌرلينڊ بھ جڳهه ٺاهي ورتي

ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي اهم ميچ ۾ سريلنڪا نيڌرلينڊ کي شڪست ڏئي سپر 12 جي مرحلي ۾ پهچي وئي آهي. ميڊيا مطابق ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي ڪواليفائينگ ميچ ۾ سريلنڪا نيڌرلينڊ کي 16 رنسن تان شڪست 4 پوائينٽس کڻي سپر 12 مرحلي ۾ ڪوليفائي ڪري ورتو آهي. سريلنڪا جي ٽيم 6 وڪيٽن تي 162 رنسن ٺاهيون، جنهن ۾ ڪوشل مينڊس 79، چيرٿ اسلانڪا 31 ۽ ڀانوڪا راجا پڪسي 19 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. ڪپتان ڊاسن سميت 3 پليئر سنگل ڊجٽ ۾ ئي آيا. هوڏانهن 163 رنسن جي هدف کي ماڻڻ جي ڪوشش ۾ نيڌرلينڊ 9 وڪيٽن تي 146 رنسون ٺاهي سگهي،

سپر 12 ۾ پهچندڙ ٽيمن جو ڏيک

جنهن ميڪس او ڊوڊ جون 71 رنسون ڪيون پر اهي ڪاميابي جي ڏس ۾ ٽيم جي ڪم نھ اچي سگهيون. جڏهن تھ اسڪاٽ ايڊورڊس 21 رنسون ٺاهيون، ڪپتان باس ڊي ليڊ آل رائونڊر طور 14 رنسون ۽ 2 وڪيٽون وٺي ويو. سريلنڪا جي بالرن مان ونيڌو هسارنگا 3، مهيش ٺڪشانا 2 ۽ لهرو ڪمارا هڪ وڪيٽ ورتي، ڪوشل﷢ مينڊس 79 رنسن تي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. جڏهن تھ نيڌرلينڊ بھ سپر 12 ۾ پهتي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button