ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

روس سان توانائي معاهدو ترت عمل ۾ آڻيو

پاڪستان ۾ سياسي ۽ معاشي غيريقيني کان پوءِ خبر نٿي پوي ته اهو بحران ڪٿي وڃي دنگ ڪندو. ڇاڪاڻ ته گذريل ڪيتري وقت کان ملڪ ۾ معاشي حالتون خراب آهن ۽ اهي ڏينهون ڏينهن بد کان بدتر ٿي رهيون آهن. عوام لاءِ مسئلن جا انبار لڳا پيا آهن. مهانگائي وڌڻ ۽ معاشي طور ڏيوالي تائين پهچندڙ ملڪ ۾ سڀ کان پيڙهجندڙ طبقو ان عوام جو هوندو آهي، جنهن لاءِ ٻن ويلن جي ماني کائڻ به مسئلو هوندي آهي. پر تنهن هوندي به حڪمران عوام کي ڪو رليف ڏيڻ لاءِ تيار ڪونهي. هڪ پاسي ملڪ ۾ مهانگائي ۽ معاشي بدحالي آهي ته ٻئي پاسي توانائيءَ جو بحران آهي جيڪو شدت اختيار ڪري رهيو آهي. دنيا جا ملڪ پنهنجي عوام جون معاشي ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ٻين ملڪن سان معاهدا ڪندا آهن، اتان کان سستي بجلي، پيٽرول ۽ گيس درآمد ڪندا آهن. پر پاڪستان مهانگي اگهه تي شيون برآمد ڪري عوام تي ٽيڪس مڙهي رهيو آهي. ڪجهه وقت کان روس سان توانائيءَ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ڳالهيون هلي رهيون آهن. پر ان ۾ به ڪا خاص ڪاميابي نصيب ڪونه ٿي آهي. هڪ ڀيرو وري پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري روسي حڪومت سان ڳالهيون ڪيون آهن.
روسي حڪومت پاڪستان جون توانائي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لا پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو کي ڀرپور سهڪار جو يقين ڏياري ڇڏيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته روس سان توانائي جي شعبي ۾ مثبت ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. پاڪستان روس سان لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، روسي هم منصب سان سمورن شعبن ۾ دوستاڻي ماحول ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي، اسان تڪرارن جو پرامن حل چاهيون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن روس جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري جي موقعي تي پنهنجي روسي هم منصب سرگئي لاروف سان ملاقات کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان روس سان واپار، دهشتگرديءَ جي خاتمي ۽ عوامي رابطن سميت ٻين شعبن ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌائڻ لاءِ گرمجوشي موجود آهي، پاڪستان توانائيءَ جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي. اميد ڪريان ٿو ته منهنجي روس جي هن دوري تي ان حوالي سان مثبت اڳڀرائي ٿيندي، اها به توقع آهي ته ٻيا ملڪ روس سان گڏيل ٻطرفن لاڳاپن ۾ مداخلت نه ڪندا، هن چيو ته اعليٰ سطحي ڳالهه ٻولهه لاءِ دعوت ڏيڻ تي روسي پرڏيهي وزير جو ٿورائتو آهيان. هن چيو ته پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ اٺون بين الحڪومتي اجلاس ڪاميابيءَ سان منعقد ٿيو، شاندار استقبال تي روسي پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃون ٿا. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سمورن شعبن ۾ روسي پرڏيهي وزير سان دوستاڻي ماحول ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي. روس سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جا خواهشمند آهيون، ان سلسلي ۾ روس سان توانائي جي شعبي ۾ مثبت ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. هن چيو ته پاڪستاني معيشت ٻوڏ سبب تمام گهڻي متاثر ٿي. ان موقعي تي روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف چيو ته پاڪستان سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ چاهيون ٿا، افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ پاڪستان ۽ روس پنهنجون ڪوششون جاري رکندا، غيرجانبداراڻي پوزيشن جي حوالي سان پاڪستان جو موقف ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته پاڪستان سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ چاهيون ٿا، پاڪستان جي توانائيءَ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڀرپور سهڪار ڪنداسين. روسي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ روس مختلف عالمي فورمن تي گڏيل موقف رکن ٿا، پاڪستان ۽ روس جو شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) ۾ تعاون جي حوالي سان هڪ جهڙو موقف آهي، پاڪستان سان مختلف شعبن ۾ سهڪار جاري آهي، افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ ٻئي ملڪ پنهنجون ڪوششون جاري رکندا.
اسين سمجهون ٿا ته اها هڪ مثبت اڳڀرائي آهي. روس سان جيڪڏهن توانائي وارو معاهدو ٿئي ٿو ته ان کي هر حال ۾ عمل ۾ آڻڻ گهرجي. ان کان اڳ به ايران سان گيس پائيپ لائين جو معاهدو ٿيل آهي پر هيستائين ان کي عمل ۾ ڪونه آندو ويو آهي. نتيجي ۾ اڄ پاڪستان توانائي بحران کي ڀوڳي رهيو آهي. تنهنڪري روس کان نه رڳو سستو پيٽرول ۽ گيس پر ٻيون ضرورتون به پوريون ڪرڻ لاءِ معاهدو ٿي سگهي ٿو. ان سان گهٽ ۾ گهٽ عوام کي ڪجهه رليف ملي سگهندو ۽ جيڪو توانائي بحران سالن کان هلي رهيو آهي، ان مان جان ڇٽي پوندي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته دنيا جي هر ملڪ سان عوام دوست معاهدا ڪيا وڃن ته جيئن ملڪ جو معاشي بحران ختم ٿئي ۽ حالتون بهتر ٿي سگهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button