سنڌ

ايشين بئنڪ ڪراچي ۾ ڪيمپ آفيس قائم ڪري:شرجيل ميمڻ

صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ ايشيائي ترقياتي بئنڪ کي ڪراچي ۾ ڪيمپ آفيس قائم ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي ته جيئن رابطا مستحڪم ٿين ۽ پاڪستان جي پهرين بايو گيس پبلڪ ٽرانسپورٽ پروجيڪٽ (بي آر ٽي ريڊ لائن پروجيڪٽ) ۾ روزاني جي بنياد تي ايندڙ مسئلن کي خوش اسلوبي سان حل ڪري سگهجي ته جيئن پروجيڪٽ کي مقرر وقت ۾ مڪمل ڪيو وڃي. اھڙي تجويز صوبائي وزير ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي اعليٰ سطحي وفد سان پنهنجي رهائشگاهه تي منعقد ڪيل هڪ گڏجاڻي ۾ ڏني. ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي وفد جي سربراهي سينيئر اربن ٽرانسپورٽ اسپيشلسٽ لائيڊ رائٽ ڪري رهيو هو، جڏهن ته وفد ۾ سينيئر آپريشنز مئنيجر ليزا جين، سينيئر پروجيڪٽ آفيسر شوڪت شفيع، پروجيڪٽ ڪوآرڊينيٽر طاهر شيخ، ڪنسلٽنٽ صادق آفتاب پڻ شامل هئا. گڏجاڻيءَ ۾ ٽرانسپورٽ کاتي وارو سيڪريٽري عبدالحليم شيخ، ايم ڊي سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي زبير چنا، جي ايم انفراسٽرڪچر ٽرانس ڪراچي پير سجاد ۽ ٻيا شريڪ هئا. گڏجاڻيءَ ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي سهڪار سان ماڊل ڪالونيءَ کان نمائش چورنگيءَ تائين بي آر ٽي ريڊ لائن پروجيڪٽ تي جاري ڪم جي اڳڀرائيءَ جو جائزو ورتو ويو ۽ پروجيڪٽ ۾ شامل رڪاوٽن، مسئلن جي حل سميت بس ڊيپو ۽ بايوگيس پلانٽ تي ڪم جي شروعات جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. شرجيل انعام ميمڻ وفد سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت بي آر ٽي ريڊ لائن پروجيڪٽ جي 100 سيڪڙو اونرشپ وٺي ٿي، پروجيڪٽ ڪراچيءَ جي هڪ ڳتيل آبادي ۾ تعمير ٿي رھيو آهي، جنهن ۾ ڪيترن ئي کاتن جي انسٽاليشن موجود آهي، تنهن هوندي به سنڌ حڪومت سمورن مسئلن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪميٽيڊ آهي، پروجيڪٽ ۾ جيترا به ايڊمنسٽريٽو مسئلا آهن، ان جي حل لاءِ سنڌ حڪومت هر وقت موجود آهي. صوبائي وزير وفد کي آگاهي ڏني ته بي آر ٽي ريڊ لائن پروجيڪٽ لاءِ ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن الادين پارڪ ۾ بس ڊيپو جي تعمير لاءِ زمين ٽرانس ڪراچي جي حوالي ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته ڀينس ڪالوني ۾ بايوگيس پلانٽ جي تعمير لاءِ زمين مختص ڪري ڇڏي آهي، ڪي ايم سي اها زمين به جلد ٽرانس ڪراچي حوالي ڪري ڇڏيندي. هن چيو ته سنڌ حڪومت بي آر ٽي ريڊ لائن پروجيڪٽ مقرر وقت ۾ مڪمل ڪرڻ چاهي ٿي، سنڌ حڪومت پاران تازو ئي پبلڪ ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ شروع ڪيل ڪامياب منصوبن بعد عوام جي دلچسپي انهن منصوبن ۾ وڌي وئي آهي. ڪراچيءَ جو عوام چاهي ٿو ته بي آر ٽي ريڊ لائن جي کين جلد کان جلد سهولت ملي. صوبائي وزير ايشيائي ترقياتي بئنڪ کي تجويز ڏني آهي ته بئنڪ ڪراچيءَ ۾ پنهنجي ڪيمپ آفيس قائم ڪري ته جيئن پروجيڪٽ جي روزانه جا معاملا خوش اسلوبي سان حل ٿي سگهن ۽ پروجيڪٽ تي ڪم جي رفتار وڌيڪ تيز ٿي سگھي. ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي سينيئر اربن اسپيشلسٽ لائيڊ رائٽ پروجيڪٽ ۾ ايندڙ رڪاوٽن، خاص طور ڪي اليڪٽرڪ جي انسٽاليشن جي نشاندهي ڪئي. هن چيو ته ٽرانسپورٽ کاتو ۽ خاص طور ٽرانسپورٽ کاتي جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پروجيڪٽ کي ڀرپور دلچسپي سان وقت ڏنو آهي ۽ سندس ڪوششن سبب پروجيڪٽ تي وڏي اڳڀرائي ٿي آهي. هن چيو ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ سنڌ حڪومت ۽ ٽرانسپورٽ کاتي سان هر ممڪن فني معاونت ۽ سهڪار جاري رکندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button