سنڌ

پ پ دهشتگردي جو سڀ کان وڌيڪ شڪار رهي،منظم ٿيڻ نه ڏينداسين:وڏو وزير

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي مڪاني چونڊن ۾ واحد وڏي پارٽي بڻجي سامهون آئي آهي، تنهنڪري کيس پنهنجو ميئر مقرر ڪرڻ جو حق حاصل آهي، جيڪڏهن ايم ڪيو ايم مڪاني چونڊن جو بائيڪاٽ نه ڪري ها ته اسان جا مخالف ايتريون سيٽون نه کٽن ها ۽ اها ڳالهه انهن کي چڱي ريت خبر آهي. هن اها ڳالهه هندو جيمخانا ۾ نيپا جي ڪنووڪيشن جي صدارت ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چئي. هڪ سوال جي جواب ۾ سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڪجهه رڪاوٽون هيون، جنهن سبب سنڌ حڪومت اليڪشن کي اڳتي کڻي وڃڻ چاهيو پئي. اسان ايم ڪيو ايم کي اليڪشن جو بائيڪاٽ نه ڪرڻ جو مشورو ڏنو پر سندن پارٽي بائيڪاٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ سندن ووٽ جماعت اسلامي کي مليا، ٻي صورت ۾ اهي ايتريون سيٽون کڻڻ جي پوزيشن ۾ نه هئا. مراد علي شاهه چيو ته شهر جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پيپلز پارٽي پنهنجو ايڊمنسٽريٽر (مرتضيٰ وهاب) مقرر ڪيو ۽ هن جيڪو ڪجهه ڪيو، اهو ڪراچي جي عوام کان ڳجهو ناهي. هن چيو ته اسان جي پارٽي جي هن شهر ۽ عوام جي خدمت جي هڪ تاريخ آهي ۽ انشاءَ الله اسان کيس وزيراعليٰ ۽ ميئر بڻائي خدمت ڪنداسين. ٻوڏ متاثرن جي بحالي بابت ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته 8 جنوري تي پوسٽ جنيوا ڪانفرنس ۾ ڊونر ايجنسين کي آگاهه ڪيو ويو ته هو مالي سهڪار ڪندي کين منصوبا فراهم ڪن، جنهن جو انهن واعدو ڪيو ويو هو. هن وڌيڪ چيو ته ڊونرز کي گذارش ڪئي ويندي ته هو ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته تنظيمون يا ڪاروبار ڪندڙ رٿائن تي عملدرآمد ڪن. هن چيو ته سڀ ڪجهه شفاف ٿيڻ گهرجي. وڏي وزير چيو ته 2 لک گهر مڪمل تباهه ٿي ويا آهن، جنهنجو اسان سروي به ڪرايو آهي ۽ اهو وڏو ڪم هو ۽ هاڻي ڪانفرنس کانپوءِ اسان ناليوارن اين جي اوز جي مدد سان رقم ورهائڻ شروع ڪنداسين، جن کي هائوسنگ پروجيڪٽ لاءِ شريڪ ڪيو ويو آهي. هڪٻئي سوال جي جواب ۾ سنڌ جي وڏي وزير چيو ته برساتن ۽ ٻوڏ سبب 20 هزار اسڪولن جي عمارتن کي نقصان پهتو آهي. هن چيو ته اهڙن خطرناڪ عمارتن ۾ شاگردن کي ڪلاس وٺڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. هن چيو ته اسان انهن اسڪولن کي خيمن ۾ منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن ٻارن جي تعليم جو سلسلو جاري رهي. سيف سٽي بابت هڪ سوال تي وڏي وزير چيو ته رڳو ڪيمرائون لڳائڻ ڪافي ناهي پر اسان کي پنهنجي پوليس کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻو پوندو، جنهن لاءِ مون کين پگهارون ۽ ٻيون مراعتن سوڌو گيجٽ ۽ جديد سامان ڏنو آهي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي دهشتگردي جو سڀ کان وڏو شڪار رهي آهي، دهشتگردن کي ٻيهر منظم ٿيڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته بحيثيت قوم اسان سڀني کي پنهنجي ويزن، ٻڌيءَ، پاليسين ۽ حب الوطني سان دهشتگردي کي شڪست ڏيڻي آهي. هن چيو ته هي اسان جي ملڪ ۽ مذهب جا دشمن آهن، ٻي صورت ۾ مسجدن ۾ ڌماڪا نه ٿين ها ۽ اسان جي ڀائرن جو رت نه وهي ها. ان کان اڳ ناپا (NAPA) ڪانووڪيشن جي تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير ناپا نالي پرفارمنگ آرٽس جي اداري کي ڪاميابيءَ سان هلائڻ تي ضياءَ محي الدين ۽ سندس ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي، جيڪي ڀائيچاري، اجتماعي سماج ۽ سڀني مذهبن جي هم آهنگي تي يقين رکندا هئا. هن چيو ته موسيقي، فن ۽ گهڻ ثقافت سماج ۾ امن ۽ هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ جو بهترين وسيلو آهي. ثقافت واري وزير سيد سردار شاهه تاريخ جو حوالو ڏيندي چيو ته هندستان ۾ مسلمان حڪمرانن صدين تائين فن، موسيقي ۽ دستڪاري تي راڄ ڪيو ۽ مختلف مذهبن جي ماڻهن کي پنهنجو بڻايو. سردار شاهه چيو ته عزت، احترام ۽ محبت بندوق جي زور تي کسي نٿي سگهجي، جيتوڻيڪ موسيقي مختلف عقيدن ۽ قومن کي پاڻ ۾ ڳنڍيندي آهي. پروگرام جي پڄاڻي تي سنڌ جي وڏي وزير ناپا (NAPA) جي ڪامياب گريجوئيٽ شاگردن ۾ ڊگريون ورهايون ۽ کين گريجوئيشن ڪرڻ تي واڌايون ڏنيون. هن پوليس لائن پشاور ۾ مسجد ۾ ڌماڪي جي سخت مذمت ڪندي چيو ته اسان کي انسانيت جي دشمنن جي سڃاڻپ ڪرڻي پوندي ۽ کين پنهنجي صفن مان ڪڍڻو پوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button