سنڌ

لاپتا اهلڪار ڪيس:پوليس آفيسرن کي جيل موڪلڻ جو وقت اچي ويو:ها ڪورٽ

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙي گم ٿيل ڪانسٽيبل جي بازيابي بابت ڪيس جي شنوائي دوران سرڪاري وڪيل ۽ پوليس اهلڪارن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي رمارڪس ڏنا ته اوهان سڀني کي جيل موڪلڻ جو وقت اچي ويو آهي. 6 سالن کان گم ٿيل پوليس ڪانسٽيبل جي بازيابي لاءِ سنڌ پوليس جي ناڪامي تي وارثن جي درخواست تي عدالت پوليس کاتي کي هڪ هفتي جي مهلت ڏيندي جواب طلب ڪري ورتو. عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته توهان کي ڪا خبر ناهي؟ آفيسر پاڻ وڏين ويگو گاڏين ۾ سفر ڪن ٿا ۽ اهي ماڻهو ڌڪا کائڻ تي مجبور آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ آڏو 6 سالن کان گم ٿيل پوليس ڪانسٽيبل جي وارثن جي درخواست تي شنوائي ٿي. وارثن جو چوڻ هو ته احمد خان جي ڳولا به نه ڪئي وئي ۽ نوڪري مان ڪڍيو ويو. عدالت، سرڪاري وڪيل ۽ پوليس اهلڪارن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي رمارڪس ڏنا ته اوهان سڀني کي جيل موڪلڻ جو وقت اچي ويو آهي. جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙي رمارڪس ڏنا ته توهان 6 سالن کان پنهنجي ئي ڊپارٽمينٽ جو گم ٿيل ڪانسٽيبل ڳولي نه سگهيا. شرمسار ٿيڻ جي بجاءِ توهان ڪانسٽيبل کي نوڪري مان برطرف ڪري ڇڏيو. گم ٿيل ڪانسٽيبل کي ڪير ڳولي آڻيندو؟ عدالت ۾ پبلڪ پراسيڪيوٽر چيو ته اسان خاندان کان جواب گهريو پر جواب نه مليو. عدالت پڇاڻو ڪيو ته اوهان اهو چوڻ چاهيو ٿا ته اوهان کي ڪا خبر ناهي؟ آفيسر پاڻ وڏين وڏين ويگو گاڏين ۾ سفر ڪن ٿا ۽ اهي ماڻهو ڌڪا کائڻ تي مجبور آهن، مٿان وري توهان کيس نوڪري مان ڪڍي هنن ماڻهن جي روزگار جو ذريعو به کسي ڇڏيو. عدالت 6 ورهين جي ٻارڙي ابوبڪر بابت ريمارڪس ڏيندي چيو ته ٻار کي عدالت ۾ نه آندو وڃي پر کيس اسڪول موڪليو وڃي. عدالت پوليس کي هڪ هفتي جي مهلت ڏيندي جواب طلب ڪري ورتو. جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙي رمارڪس ڏنا ته تسلي بخش جواب نه مليو ته سخت حڪم جاري ڪيو ويندو.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته مير احمد خان سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ سڪيورٽي ڊيوٽي ڏيندو هو. هو 2012ع کان سنڌ پوليس ۾ مقرر هو ۽ 2015ع ۾ گم ٿي ويو هو، اسان عدالت ۾ گم ٿيڻ جي درخواست داخل ڪرائي آهي. پوليس کيس ڳولڻ بدران نوڪري مان برطرف ڪري ڇڏيو آهي. 2015 کان پگهار نه ڏني وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button