اسلام آبادپاڪستان

حڪومت آئي ايم ايف کي شرط پورا ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي

اسلام آباد:پاڪستان آءِ ايم ايف کان مطالبن تي عملدرآمد ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي ان لاءِ وقت گهري ورتو. ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) سان پروگرام مڪمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ آءِ ايم ايف مشن سان 9 هين جائزي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ مڪمل تعاون ڪندو. سرڪاري خابرو اداري “اي پي پي” موجب آءِ ايم ايف جي وفد مشن چيف ناٿن پورٽر جي اڳواڻي ۾ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار سان ملاقات ڪئي، جتي ناڻي واري وزير آءِ ايم ايف وفد کي ٻڌايو ته حڪومت بجلي ۽ گئس سميت معيشت جي بهتري لاءِ قدم کنيا آهن. مختلف شعبن ۾ سڌارا شروع ڪيا ويا آهن. آءِ ايم ايف جي مشن هيڊ هيٿن پورٽر جي سربراهي ۾ وفد ناڻي واري وزير اسحاق ڊار سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ملڪي معاشي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ نائين اقتصادي جائزي جي ڳالهين جي شيڊيول تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ان سان گڏوگڏ معاشي هدفن تي به غور ڪيو ويو. ذريعن موجب آءِ ايم ايف وفد بجيٽ ۾ اعلانيل فيصلن موجب بجيٽ خسارو 4 ڏهائي 9 سيڪڙو رکڻ جو واعدو پورو ڪرڻ جو چيو ۽ بجيٽ فيصلن موجب پرائمري خسارو جي ڊي پي جو 0 ڏهائي 2 سيڪڙو رکڻ جو واعدو پورو ڪرڻ جو به چيو ويو. آءِ ايم ايف وفد مطالبو ڪيو ته برآمدي شعبي کي 110 ارب رپين جي ڇوٽ ختم ڪئي وڃي. ايف بي آر طرفان ٽيڪس وصولين جو هدف هر حال ۾ پورو ڪيو وڃي، ان کانسواءِ گردشي قرض ۾ گهٽتائي آندي وڃي. ذريعن موجب آءِ ايم ايف پيٽروليم ليوي جي مد ۾ 855 ارب رپيا وصولي جو هدف پورو ڪرڻ جو به چيو. رياستي ڪمپنين جي ڪارڪردگي بهتر ڪري ان جو خسارو به گهٽ ڪرڻ جو چيو ويو آهي. آءِ ايم ايف نجڪاري پروگرام تي عملدرآمد ڪرڻ جو چيو، جڏهن ته مالي خساري ۽ نقصانن جي نشاندهي به ڪئي.ناڻي واري وزارت جي اختيارين موجب آءِ ايم ايف مالي ضابطن تي سختي سان عمل ڪرڻ تي زور ڏنو آهي. آءِ ايم ايف غريب طبقي لاءِ سبسڊي جي مخالفت نه ڪئي ۽ عالمي مالياتي فنڊ بي آءِ ايس پي تحت رليف جاري رکڻ تي به راضي ٿي ويو آهي. هوڏانهن پاڪستان موقف اختيار ڪيو آهي ته آءِ ايم ايف پروگرام ۾ رهڻ چاهيون ٿا. ذريعن موجب پاڪستان سڀني مطالبن تي عمل ڪندو پر وڌيڪ وقت گهربل آهي، پاڪستان آءِ ايم ايف سان گڏجي پائيدار سڌارا جاري رکندو. اسحاق ڊار چيو ته حڪومت پاور سيڪٽر ۾ به سڌارا شروع ڪري ڇڏيا آهن ۽ پاور ۽ گيس جي شعبي ۾ گردشي قرضن جي خاتمي لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي جيڪا ان حوالي سان طريقيڪار واضح ڪندي. آءِ ايم ايف مشن جي سربراهه اميد ظاهر ڪئي ته حڪومت آءِ ايم ايف جي گهرجن موجب 9 هين جائزو مڪمل ڪندي. هن ان اميد جو به اظهار ڪيو ته پاڪستان مختلف شعبن ۾ سڌارا جاري رکندو ۽ آءِ ايم ايف پروگرام وقت تي مڪمل ڪندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button