اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

ايل پي جي في ڪلو 60 رپيا مهانگي،نئين قيمت 264 رپيا ٿي وئي

اسلام آباد: حڪومت مهانگائي سٽيل عوام تي هڪ ٻيو عذاب آڻيندي ايل پي جي جو گهريلو سئلينڊر مهانگو ڪري ڇڏيو. اوگرا طرفان ايل پي جي جي گهريلو سئلينڊر جي قيمت ۾ في ڪلو تي 60 رپيا واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب 11 ڏهائي 8 ڪلو ايل پي جي جو گهريلو سئلينڊر 703 رپيا 24 پئسا مهانگو ڪيو ويو آهي. ايل پي جي جي گهريلو سئلينڊر جي قيمت ۾ واڌ پهرين فيبروري کان لاڳو ٿيندي. ايل پي جي جي في ڪلو قيمت 263 رپيا 95 پئسا ٿي وئي آهي، واڌ کانپوءِ 11 ڏهائي 8 ڪلو گرام جي گهريلو سئلينڊر جي قيمت 3 هزار 114 رپيا 67 پئسا مقرر ڪئي وئي آهي. جنوري لاءِ ايل پي جي جي في ڪلو قيمت 204 رپيا 35 پئسا هئي، جيڪا هاڻ 64 2 رپيا ٿي وئي آهي. جڏهن ته هلندڙ مهيني ايل پي جي جي گهريلو سئلينڊر جي قيمت 2 هزار 411 رپيا 43 پئسا هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button