اسلام آبادپاڪستان

دهشتگرد عوام ۾ خوف ۽ هراس ڦهلائڻ چاهين ٿا:شهباز شريف

اسلام آباد :وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته دهشتگرد پنهنجي ناپاڪ قدمن جي ذريعي عوام ۾ خوف ۽ هراس ڦهلائڻ چاهين ٿا ۽ اهي دهشتگردي ۽ عسڪريت پسندي خلاف اسان جي محنت سان حاصل ڪيل ڪاميابين کي ناڪام ڪرڻ چاهين ٿا. ڪالهه پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته سمورين سياسي قوتن کي منهنجو پيغام پاڪستان دشمن عنصرن جي خلاف اتحاد جو آهي. وزيراعظم چيو ته اسان پنهنجي سياسي ويڙهه بعد ۾ وڙهي سگهون ٿا. ٻئي طرف شهباز شريف گڏيل قومن جي ماحولياتي پروگرام پاران ٿيندڙ ڪم کي ساراهيندي ماحولياتي تبديلين، حياتياتي تنوع جي نقصانن ۽ ماحولياتي نظام ۾ ٿيندڙ تبديلين کي وڌيڪ موثر طريقي سان حل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششن کي وڌائڻ تي زور ڏنو آهي. ڪالهه وزيراعظم سان گڏيل قومن جي ماحوليات پروگرام جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر (يو اين اي پي) اينگر اينڊرسن ملاقات ڪئي. اينگر اينڊرسن پاڪستان جي سرڪاري دوري تي آهي. وزيراعظم چيو ته ماحولياتي تبديلي اڄ وڏن مسئلن مان هڪ آهي. هن چيو ته پاڪستان ماحولياتي تبديلين کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن مان هڪ آهي. هن چيو ته پاڪستان ماحولياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان ڀرپور قدم کنيا. اينگر اينڊرسن وزيراعظم کي يو اين اي پي پاران پاڪستان ۾ کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني ۽ يو اين اي پي ۾ پاڪستان جي فعال ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته يو اين اي پي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ بحالي جي ڪوششن ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button