اسلام آبادپاڪستان

توشا خانا ڪيس ۾ عمران خان تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد: اسلام آباد جي مقامي عدالت توشا خانا ڪيس ۾ عمران خان تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو. اسلام آباد جي ايڊيشنل سيشن جج ظفر اقبال توشا خانا ريفرنس ۾ عمران خان جي خلاف فوجداري ڪارروائي واري ڪيس جي شنوائي ڪئي. ان سلسلي ۾ عدالت عمران خان کي ڪالهه ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو هو پر هو پيش نه ٿيو. عدالت فوجداري ڪارروائي جي ڪيس ۾ عمران خان تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن جي تاريخ 7 فيبروري مقرر ڪئي وئي آهي. جڏهن ته عدالت پاران پي ٽي آءِ چيئرمين کي 20 هزار رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي. ان دوران عدالت عمران خان جي وڪيل علي بخاري ايڊووڪيٽ کان سوال ڪيو ته عمران خان طرفان وڪالت نامو ڪٿي آهي؟ جنهن تي علي بخاري چيو ته 5 منٽ ڏيو، بئريسٽر گوهر عدالت پهچي رهيو آهي. علي بخاري عدالت کي ٻڌايو ته اسان گذريل شنوائي تي عمران خان جو ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ پيش ڪيو هو، ان تي عدالت چيو ته اڄ وڪالت نامو به جمع ڪرائي ڇڏيو. ان دوران اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته جيستائين شوئرٽي بانڊز نٿا اچن تيستائين هي وڪالت نامو نٿا ڏئي سگهن. ان دوران عدالت جي ڪمري ۾ عمران خان ۽ اليڪشن ڪميشن جي وڪيلن وچ ڏند چڪ پڻ ٿي. ياد رهي ته اليڪشن ڪميشن عمران خان خلاف فوجداري ڪارروائي جو ريفرنس عدالت ڏانهن اُماڻيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button