غلام حسين جوڻو
عمران خان لڳ ڀڳ چار سال ملڪ جو وزير اعظم رهيو. کيس سياسي مخالفن ڳٺجوڙ ڪري اقتدار تان هٽايو. چون ٿا ته هن جي هٽائڻ ۾ سياستدانن کي ڪو ٻيو به اشارو مليل هو. جنهن ڪري آصف علي زرداري، شهباز شريف ۽ مولانا فضل الرحمان هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي ويا. پوءِ عمران خان کي جنهن طريقي سان گهر ڀيڙو ڪيو ويو. اهو سڀني کي معلوم آهي. عمران خان، وزير اعظم جو عهدو ڇڏڻ کان پوءِ پريشانيءَ جو شڪار ٿي ويو. ڪڏهن اهو چوندو رهيو ته مون کي آمريڪي سازش تحت لاٿو ويو آهي ۽ هڪ خط جو ذڪر ڪندو رهيو ته اهو کيس آمريڪا مان آيو آهي. جنهن ۾ ڌمڪيون ڏنيون ويون آهن. ڪجهه وقت ان خط جو چوٻول رهيو. پوءِ خبر ناهي ته اهو ڪوڙو هو يا سچو. ان ۾ حقيقت سمايل هئي يا سمورو قصو هٿ ٺوڪيو هو. ان جي باري ۾ پاڻ ئي بهتر ٻڌائي سگهي ٿو. بهرحال ڄاڻايل خط جي ڳالهه آهستي آهستي دم ٽوڙڻ لڳي ۽ هاڻ ان سلسلي ۾ مڪمل طرح خاموشي آهي. اهڙي خاموشي اختيار ڪئي وئي آهي ڄڻ اهو معاملو ٿيو ئي ڪونه آهي. اهي فقط ڳالهيون هيون.
خط جو معاملو ٺاپر ۾ آيو ته عمران خان چوندو رهيو ته مون سان سياستدانن جيڪو رويو اختيار ڪيو. تنهن ۾ فوجي جنرل قمر جاويد باجوه جو هٿ رهيو آهي. عمران خان، اڳوڻي آرمي چيف قمر جاويد تي تنقيد ڪندو رهيو ۽ هن ڏانهن آڱريون کڻندو رهيو ۽ کيس هر ڳالهه جو ذميوار قرار ڏيندو رهيو. سندس اهڙا بيان اخبارن جي زينت بنجندا رهيا. ٽيليويزن تان به ٻڌندا رهياسون ۽ نيٽ تي به ڏسندا رهياسون. بهرحال قمر جاويد باجوه تي تنقيد ٿيندي رهي. جڏهن ته عمران خان جي اقتدار دوران جنرل جي واکاڻ ڪئي ويندي هئي. سندس هر مشوري کي اکين تي رکيو ويندو هو. پر پوءِ الائي ڪهڙو واءُ لڳو جو ساراهه ڪرڻ وارو سلسلو بند ٿي ويو ۽ باجوه صاحب جي گلا ۽ شڪوه شروع ٿي وئي. عمران خان جي ان عمل تي ڪيترائي ماڻهو سندس مخالفت ڪن ٿا ۽ کيس اڻ ڄاڻ سياستدان سمجهن ٿا. ايتري قدر به چيو وڃي ٿو ته عمران خان سياسي نابالغ آهي. جنهن کي سياست جي ڪا به خبر ڪونهي. ان ڳالهه ۾ ڪيتري صداقت ۽ سچائي آهي. اهو فيصلو عوام ڪندو. آئون فقط ايترو چوندس ته عمران خان جيڪو به بيان ڏئي سو سوچي سمجهي ۽ حقيقت تي آڌاريل هجي. تڪڙ ۾ ڪو به بيان جاري ڪرڻ نه گهرجي. جذبات کان به ڪم وٺڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. ٻي صورت ۾ سندس بيان ملڪ اندر عوام ۾ ناڪاري اثر پيدا ڪري سگهن ٿا. جنهن ڪري سندس سياست کي ڌچڪو رسڻ جو امڪان آهي. سندس سياسي ساک متاثر ٿي سگهي ٿي. بهرحال جنرل قمر جاويد باجوه جي تنقيد ۾ مس ٺاپر آئي. ڪجهه خاموشي ٿي ته وري پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي تي ڇوهه ڇنڊيا پيا وڃن.
محسن نقوي به عمران جي تنقيد جو نشانو بنيل آهي. هن جي خلاف به بيان بازي ڪئي پئي وڃي. ڪڏهن چيو وڃي ٿو ته اهو زرداري صاحب جو همراهه آهي. جيڪو ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول ڪونهي. کيس نگران وڏو وزير ڇو بنايو ويو آهي. عمران خان جو چوڻ آهي ته ان سلسلي ۾ اسان سان مشورو ڪونه ڪيو اٿن ۽ اسان کي اعتماد ۾ ڪونه ورتو اٿن. سندس مقرريءَ جي خلاف عدالت ۾ وينداسين. ٻئي طرف عمران خان جو اهو به چوڻ آهي ته مون کي اقتدار مان هٽائڻ ۾ ان جو به هٿ آهي. مطلب ته محسن نقوي تي به سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي. هن کي به بخشيو ڪونه ويو آهي. هن جي خلاف به وٺ وٺان شروع ڪئي وئي آهي. جيڪا اڳتي هلي پاڻهي ختم ٿي ويندي ۽ هن جي خلاف آواز بلند ڪندڙ عمران خان ۽ سندس ساٿي به ماٺ ٿي ويندا. پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن جي چوڻ تي نگران وزير اعليٰ جو ڪم رولڙي جو شڪار هرگز ٿي نه ٿو سگهي. هن صاحب حلف کڻي پنهنجو ڪم شروع ڪري ڏنو آهي. هاڻ هن تي ٿيندڙ تنقيد جو ڪو به اثر نه ٿو ٿي سگهي ۽ نه وري سندس ڪم ۾ ڪو رخنو پئجي سگهي ٿو. کيس عوام جي خدمت ڪرڻ جو موقعو مليو آهي. هن کي ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي. راهه ۾ ڪا به رنڊڪ ۽ رڪاوٽ نه وڌي وڃي.
ياد رهي ته جيئن ئي شهباز شريف ملڪ جو نئون وزير اعظم ٿيو. حلف برداريءَ جي تقريب کان پوءِ پي ٽي آءِ جا سمورا ميمبر بائيڪاٽ ڪري ايوان مان ٻاهر نڪري ويا. اهو عمران خان جي حڪم تي ايئن ڪيو ويو. سڀني ميمبرن پنهنجون استعيفائون اسيمبليءَ جي اسپيڪر وٽ جمع ڪرايون. عمران خان ۽ سندس ميمبرن کي ڪافي ڀيرا مشورا ڏنا ويا ته اهي پنهنجون استعيفائون واپس وٺي ايوان ۾ اچن ۽ پنهنجي تڪن جي عوام جي خدمت ڪن. پر ڪنهن جي ڪونه ٻڌي وئي. عمران خان ۽ سندس حواري، ان ڳالهه تي بضد رهيا. نيٺ اسپيڪر انهن جون استعيفائون منظور ڪيون ۽ اهڙي ريت پارٽيءَ جي اسيمبلي مان تڏا ويڙهه ٿي وئي ۽ صفايو ٿي ويو. پوءِ وري انهن ميمبرن هڙتال شروع ڪئي ته اسان جون استعيفائون منظور نه ڪيون وڃن. اسان ٻيهر ايوان ۾ اچڻ لاءِ تيار آهيون. پر پوءِ ڪجهه به ٿي ڪونه سگهيو. اها به حقيقت آهي ته ان پارٽيءَ جا ڪجهه ميمبر استعيفيٰ ڏيڻ جي حق ۾ ڪونه هئا. اهي ان جي خلاف هئا. پر عمران خان ضد ڪري کين استعيفائون ڏياريون. هاڻ هو ايوان ۾ ڪونه آهن. پنهنجو ڪو به مطالبو مڃرائي ڪونه ٿا سگهن. پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هنيو اٿن. رهيو کهيو اقتدار به سندن هٿن مان نڪري ويو. هاڻ انهن وٽ ڪو به اختيار ڪونهي. باقي اجاين رڙين ڪرڻ مان ڪهڙو فائدو؟
چوڌري پرويز الاهي کي پي ٽي آءِ جي حمايت سان پنجاب جو وڏو وزير بنايو ويو هو. ان کي به زبردستي استعيفيٰ ڏياري وئي. جڏهن ته هو به ان عمل جو سخت مخالف هو. هاڻ تازو چوڌري صاحب جو بيان سامهون آيو آهي ته مون پارٽي وارن کي ڏاڍو سمجهايو ته في الحال اسيمبلي نه ٽوڙيو. پر منهنجي هڪ به نه ٻڌي وئي. هاڻي اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي آهي. مون کي هڪ سال ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي ها ته مسلم ليگ (ن) جا ڪپڙا به نه ملن ها. خان صاحب جي ويجهو موجود ماڻهن ئي پارٽيءَ جي پاڙ پٽي. سندس هن بيان مان صاف ظاهر آهي ته هو استعيفائن ڏيڻ جي حق ۾ بلڪل ڪونه هو. پر نيازي صاحب جي ضد ۽ هوڏ جي ڪري ملڪ جي وڏي صوبي پنجاب جي حڪومت تان به دستبردار ٿيڻو پئجي وين. بلڪل اهڙي ريت خيبر پختونخواه صوبي ۾ به پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت هئي. ان سان به پنجاب صوبي وانگر حشر ڪيو ويو. اتي به اسيمبليءَ کي ڪم ڪرڻ ڪونه ڏنو ويو. اتان جي حڪومت به عمران خان جي پاليسين جي ڪري ختم ٿي وئي. سندس ناقص پاليسين ۽ منصوبابندين جي ڪري قومي اسيمبليءَ جي ميمبرن استعيفائون ڏنيون ۽ ٻنهي صوبن مان به حڪومتون ختم ٿي ويون.
مٿين ڳالهين تي غور ڪرڻ سان ايئن محسوس ٿئي ٿو ته عمران خان اقتدار مان نڪري وڃڻ کان پوءِ پريشانيءَ جو شڪار ٿي ويو آهي. سندس ويجها دوست به کيس سٺو مشورو ڪونه ٿا ڏين. جن جي چوڻ تي پاڻ عمل ڪري پيو جنهن ڪري پارٽيءَ تي وڏو نقصان ٿي رهيو آهي ۽ ان جي ساک کي ڌڪ رسي رهيو آهي. هاڻ هو سياسي ميدان ۾ اڪيلو ٿيندو پيو وڃي. وڌيڪ ڏسجي ته مستقبل ۾ سندس سياسي حڪمت عمليون ڪهڙيون ٿينديون. ان باري ۾ ڪجهه وقت انتظار ڪرڻ باقي آهي. سياسي حالتون ڪنهن به وقت تبديل ٿي سگهن ٿيون. سندس حمايت ۾ وڃي سگهن ٿيون. باقي هن وقت سموريون حالتون سندس سخت مخالف ۾ وڃي رهيون آهن. بظاهر ته پارٽي پنهنجو وڏو نقصان ڪيو آهي، جنهن جو ازالو ٿيڻ ناممڪن آهي. اها ڳالهه ڪي تجزيه نگار به ڪري رهيا آهن ۽ عوام به اها راءِ رکي ٿو.