ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پيٽرول جو هٿرادو بحران

پاڪستان هڪ اهڙو ملڪ ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ مختلف اسمن جي کوٽ جو سلسلو گذريل ڪيتري وقت کان جاري آهي. ڪڏهن هتي ڪڻڪ جي کوٽ هوندي آهي، ڪڏهن اٽو ناهي ملندو ته ڪڏهن وري پيٽرول اڻ لڀ ٿي ويندو آهي. جڏهن شين جي کوٽ جو سلسلو جاري رهندو آهي ته ان سان عوام تڪليفن کي منهن ڏيندو آهي. عوام جي تڪليفن جو اندازو حڪمرانن کي نه هجي پر عوام ان عمل مان گذرندو رهندو آهي. جڏهن ته ملڪ ۾ موجود وسيلن تي پهريون پهريون حق عوام جو آهي. پر ڪڏهن به اهي وسيلا عوام تي خرچ ڪونه ٿا ٿين. تنهنڪري عوام لاءِ ڪالهه به ساڳيون حالتون هيون، اڄ به ساڳيون حالتون آهن. ڪجهه وقت کان ڪڻڪ جي کوٽ کي منهن ڏيندا رهياسين. پوءِ ڊالر جي کوٽ ٿي وئي. هاڻ وري اهي خبرون اچي رهيون آهن ته پيٽرول جي کوٽ ٿيڻ واري آهي. پاڪستان وٽ هاڻ 20 ڏينهن جو پيٽرول بچيو آهي. جنهن جي تصديق پيٽروليم واري وزارت پاڻ ڪري رهي آهي.
پيٽروليم واري مملڪتي وزير مصدق ملڪ پيٽروليم شين جو ذخيرو ڪري مصنوعي بحران پيدا ڪندڙن کي سخت نتيجا ڀوڳڻ لاءِ خبردار ڪيو آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مصدق ملڪ چيو ته ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي ڪا به کوٽ ناهي، اسان وٽ پيٽرول جو 20 ڏينهن ۽ ڊيزل جو 29 ڏينهن جو اسٽاڪ موجود آهي. مصدق ملڪ چيو ته ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي کوٽ جو سبب ذخيره اندوزي آهي. هن چيو ته پيٽروليم شين جي ذخيره اندوزي ڪندڙن کي چوان ٿو ته اڄ بند ڪيو، ٻي صورت ۾ سخت نتيجا ڀوڳڻا پوندا، جيڪو به ذخيره اندوزي ۾ ملوث هوندو ان جو لائسنس رد ڪيو ويندو. ياد رهي ته گذريل ڪجهه ڏينهن کان پنجاب جي مختلف شهرن ۾ پيٽروليم شين جي کوٽ جون خبرون گردش ڪري رهيون آهن ۽ لاهور سميت مختلف شهرن ۾ پمپن تي پيٽروليم شين جي فراهمي محدود ڪئي وئي آهي. ملڪ ۾ ذخيره اندوزيءَ جو مرض پراڻو آهي، هتي جيڪو به ڏاڍو آهي، سو ڪو به اسم ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. جنهن جي ڪري عوام ڀوڳيندو رهندو آهي. ڇا حڪومت انهن ماڻهن آڏو ايتري بيوس آهي جو انهن خلاف ڪجهه به نٿي ڪري سگهي. اهو ئي سبب آهي جو جيڪو ماڻهو جيئن چاهي ٿو اهو ذخيرو ڪندو رهي ٿو.
اسين سمجهون ٿا ته جيڪي ماڻهو به پيٽروليم اسم ذخيرو ڪري رهيا آهن، انهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي، ڇاڪاڻ ته پيٽرول ختم ٿيڻ يا ان جي کوٽ ٿيڻ جي ڪري عوام کي پريشاني کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. تنهنڪري اهو ضروري آهي ته پيٽروليم اسمن جي دستيابي يقيني بڻائي وڃي ۽ عوام کي هر شهر ۾ پيٽرول فراهم ڪيو وڃي. حڪومت رڳو بيان بازي تائين محدود نه رهي پر عملي اپاءَ پڻ ڪري ڏيکاري. ڇو ته عوام اڳ موجود مسئلن جي ڪري پريشان لڳو پيو آهي، جيڪڏهن پيٽرول به نه ملندو ته سڄو ڪاروهنوار ٺپ ٿي ويندو يا وري عوام کي مهانگو پيٽرول خريد ڪرڻو پوندو.

ڏاهلي تعلقي ۾ مرندڙ جانور
عام طور تي اسان وٽ جانورن جي بيمارين تي ڌيان ڪونه ڏنو ويندو آهي. مالوند ماڻهن وٽ پالتو جانور انهن جي ڪمائيءَ جو وسيلو هوندا آهن پر جيئن ته اهي جانورن ۾ پکڙجندڙ بيمارين جو پتو ڪونه لڳائي سگهندا آهن ۽ جيڪڏهن لڳائي به سگهندا آهن ته اهي علاج ڪونه ڪري سگهندا آهن، تنهنڪري جانور وڏي انگ ۾ مرندا رهندا آهن ۽ مالوندن جا مٿي تي هٿ اچي ويندا آهن. اهڙي ريت جن ڳوٺن ۾ جانور بيمار ٿيندا آهن ته مالوند ڪنهن طبي امداد لاءِ واجهائيندا رهندا آهن، پر جڏهن اها وقت سر ڪونه پهچندي آهي ته اڃا به وڌيڪ نقصان ٿي ويندو آهي. ڪالهه به هڪ اهڙي ئي خبر رپورٽ ٿي آهي.
ڏاهلي تعلقي جي وڏي آباديءَ جي ڳوٺ ڪيتار ۽ ڪيتاري سميت آسپاس جي علائقن ۾ چوپائي مال ۾ خطرناڪ بيماري پکڙجي وئي. ٻن ڏينهن اندر مالوندن جون 40 کان وڌيڪ رڍون ۽ ٻڪريون مري ويون. ان سلسلي ۾ مالوندن دانهيندي چيو ته چوپائي مال ۾ خطرناڪ بيماري پکڙجڻ سبب اسان جو لکين روپين جو نقصان ٿي ويو آهي، وڌيڪ سون جي انگ ۾ ٻڪريون ۽ رڍون بيماريءَ ۾ ورتل آهن. اسان ضلعي وٽرنري انچارج ڊاڪٽر گورڌن نائي اڳيان دانهون ڪري ڪري ٿڪجي پيا آهيون، پر ٻن ڏينهن ۾ ڪا به لائيو اسٽاڪ جي ٽيم نه موڪلي وئي آهي. اسان غريبن جو لکين رپين جو نقصان ٿي ويو آهي. ٻڪرين ۾ پکڙيل تيز بخار ۽ کلڪيو جي بيماري اسان جا وٿاڻ ويران ڪري ڇڏيا آهن. هنن گهر ڪئي ته لائيو اسٽاڪ انچارج خلاف ڪارروائي ڪري مال جو علاج ڪري وئڪسين ڪئي وڃي. هوڏانهن لائيو اسٽاڪ مٺيءَ جي انچارج ڊاڪٽر گورڌن ناهي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان وٽ فل الحال گاڏيون خراب آهن، ان ڪري ٻهراڙي جي علائقن ۾ وڃي نٿا سگهون.
اسين سمجهون ٿا ته جن ڳوٺن ۾ جانور بيماري وگهي مري رهيا آهن، انهن ڳوٺن ۾ ترت وٽرنري ڊاڪٽر پهچڻ گهرجن ته جيئن اها بيماري وڌيڪ جانورن ۾ نه وچڙي سگهي ۽ ڳوٺاڻا نقصان کان بچي سگهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button