ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

اين آءِ سي وي ڊي، پبلڪ هيلٿ، ۽ عوام سان وعدو

Editorial-Article- Asifa Bhutto

عوام کي صحت جون مفت سهولتون فراهم ڪرڻ پاڪستان پيپلز پارٽي جي منشور جو بنيادي ستون آهي. سنڌ ۾ جتي پيپلز پارٽي جي حڪومت آهي. صحت جي شعبي ۾ ترقي ان عزم جو ثبوت آهي ۽ هن شعبي ۾ ڪاميابي بي مثال رهي آهي. ڪارڊڪ ڪيئر هجي، جگر ۽ گردن جي پيوندڪاري هجي، يا وقت کان اڳ ڄمڻ ۽ نون ڄاول ٻار جي سنڀال ذريعي ٻارن جي موت جي شرح کي گهٽائڻ هجي. پيپلز پارٽي سڀني لاءِ مفت معياري صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ سڀ کان اڳتي آهي.
پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ حڪومت تحت، نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو ويسڪولر ڊيزيز (NICVD) کي هڪ مضبوط ترين ڪارڊيڪ نيٽ ورڪ مان هڪ ڪيو ويو آهي. هي دنيا ۾ سڀ کان وڏي نيٽ ورڪ طور موجود آهي. جيڪو سنڌ جي 22 ضلعن ۾ 10 اسپتالن ۽ 24 چيسٽ ڊيزيز يونٽن تائين پکڙيل آهي. سنڌ جي ڏهن اسپتالن جن ۾ ڪراچي، ٽنڊو محمد خان، حيدرآباد، سيوھڻ، لاڙڪاڻو، سکر، نواب شاھه، مٺي ۽ خيرپور شامل آهن. پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي جي علائقي لانڍي ۾ هڪ ٻي اسپتال جو پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو. ذوالفقار علي ڀٽو انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو ويسڪولر ڊيزيز 1200 بسترن تي مشتمل دنيا جي سڀ کان وڏي دل جي اسپتال بڻجڻ وارو آهي. ڪيترائي مخالف پيپلز پارٽيءَ جي محنت ۽ ڪاميابين کي داغدار ڪن ٿا ۽ اهو ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن ته صحت جو شعبو تباهيءَ جو شڪار آهي. انهن دعوائن جي ابتڙ، سڄي سنڌ ۾ ڪارڊيڪ نيٽ ورڪ قائم ڪيو ويو آهي، ان تي ڌيان ڏنو ويو آهي ته صرف چند شهرن ۾ نه پر سڄي صوبي ۾ دل جي علاج جون مفت سهولتون فراهم ڪيون وڃن. پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت جي محنت سان پرڏيهه ۾ هزارين ڊالرن جي لاڳت سان علاج کي مفت ۽ دستياب بڻائي ڇڏيو آهي. Angioplasty هڪ لازمي طبي طريقو آهي جيڪو دل ۾ بند ٿيل يا تنگ رت جي رستن جي علاج لاءِ استعمال ٿيندو آهي ۽ عام طور تي ڪورونري شريان جي بيماري لاءِ استعمال ٿيندو آهي. جيڪو تڏهن ٿيندو آهي جڏهن شريانن ۾ رت ڄمي ويندي آهي، جنهن سان دل ڏانهن رت جي وهڪري ۾ گهٽائي ٿئي ٿي ۽ سيني ۾ سور يا دل جي حملي جو امڪاني طور تي موت واقع ٿئي ٿو. پرڏيھه ۾ ان طريقيڪار جي قيمت 11,000 ڊالر کان 30,000 ڊالر يا وڌيڪ جي حد تائين ٿي سگهي ٿي. UAE ۾ ان طريقيڪار جي سراسري قيمت هڪ اسٽنٽ جي لاءِAED 45,000 تائين ٿي سگهي ٿي. جنهن تي AED 15,000 في اضافي اسٽنٽ واڌارو ٿي سگھي ٿو. اهو دليل ڏئي سگهجي ٿو ته بين الاقوامي اسپتالن سان مقابلو ڇو ڪيو وڃي ۽ نه خانگي اسپتالن سان ان جو سبب رڳو اهو آهي ته سڄي سنڌ ۾ NICVDs ۾ موجود طريقيڪار ۽ سار سنڀال جو معيار بين الاقوامي معيارن جي مقابلي ۾ آهي، صرف گذريل 5 سالن ۾ سنڌ جي NICVDs ۾ 100,000 کان وڌيڪ پرائمري اينجيوپلاسٽيون ۽ 25,000 کان وڌيڪ دل جون سرجريون ڪيون ويون آهن. 2021 کان پوءِ،NICVD فالج جي حملي جي صورت ۾ اضافي طبي سهولتون پڻ فراهم ڪيون آهن. جيڪي پاڪستان جي سرڪاري اسپتالن ۾ هي پهريون ڀيرو آهي ۽ 100 کان وڌيڪ ڪامياب فالج جي مريضن کي طبي سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن. NICVD نه رڳو سنڌ جي ماڻهن جي طبي ضرورتن کي پورو ڪري ٿو پر سڀني ماڻهن کي بنا ڪنهن فرق جي مفت معياري صحت جون سهولتون فراهم ڪري ٿو. چاهي هو ڪٿان جو به هجي. هر سال سنڌ کان علاوه ٻين صوبن مان به مريضن جو انگ وڌي رهيو آهي، ڇو ته NICVD بنا ڪنهن فرق جي مفت علاج فراهم ڪري ٿي. صرف گذريل ٽن سالن ۾، سڄي پاڪستان مان 800,000 کان وڌيڪ مريضن جو (سنڌ کان سواءِ) NICVD ۾ علاج ڪيو ويو آهي.
پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ ان جي قيادت تي بدنيتي تي ٻڌل لڳايل ڪوڙن الزامن جي باوجود صورتحال جي حقيقت اها آهي ته پيپلز پارٽي ئي واحد پارٽي آهي جنهن پاڪستان ۾ اهڙا انقلابي علاج جا مرڪز قائم ڪيا آهن. پيپلز پارٽي ۽ ان جي سنڌ حڪومت سرڪاري اسپتالن کي بهتر بڻائڻ تي يقين رکي ٿي ۽ اڄ دل، جگر، گردي ۽ ٻارن جون بهترين اسپتالون قائم ڪرڻ تي فخر محسوس ڪري ٿي. هي اسپتال ڪنهن هڪ شهر تائين محدود ناهي. هي صوبي جي مختلف ضلعن ۾ پکڙيل آهن. عوام جي در تي مفت، معياري صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ پاڪستان پيپلز پارٽي جو مشن آهي. گمبٽ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنس خيرپور ۾ جگر، گردي، بون ميرو ۽ ڪينسر جو مفت علاج، يا سڄي سنڌ ۾ چائلڊ لائيف اسپتالن جو قيام، يا ڪراچي ۾ JPMC سائبر نائف روبوٽڪ ريڊيو سرجري جي ذريعي ڪينسر جي علاج جنهن جو دائرو، دماغ، مٿي، ڳچيءَ ۽ اسپائن تائين آهي جيڪو ڪراچي پاڪستان ۾ مفت ۾ دستياب آهي. جنهن جي پرڏيھه ۾ قيمت 60,000 ڊالر کان 90,000 ڊالر تائين آهي.
حقيقت اها آهي ته صرف پاڪستان پيپلز پارٽي واحد پارٽي آهي جيڪا بنا ڪنهن مذهب، ذات ۽ نسل جي پاڪستاني عوام جي خدمت ڪرڻ جو عزم رکي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button