ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

نه کٽندڙ بحران

Editorial- Article- Asar Imam

پاڪستان جا ٻاويهه ڪروڙ ماڻهو گذريل ستر سالن کان وٺي مختلف مسئلن ۾ گرفتار آهن. پاڪستاني ميڊيا ان جي ابتڙ ان خبر کي اهميت ڏئي رهي آهي ته عمران گرفتار ٿيو يا نه ٿيو؟ پٺيان تيل جون قيمتون وڌايون ويون. کاڌي پيتي جون شيون مهانگيون ڪيون ويون. سرڪاري نوڪري ڪندڙ ماڻهو به پنهنجي ڪٽنب کي ٻن ويلن جي ماني کارائڻ لاءِ پريشان آهي. 10 لک روپين تائين مفت علاج جي سهولت واري صحت ڪارڊ کان وٺي 10 ڪلو اٽي جي ٿيلهيءَ لاءِ قطار ۾ بيهڻ واري عوام کي ٻڌايو ٿو وڃي ته اهو پنهنجي مسئلن کي پاسي تي رکي اهو ڏسي ته عمران خان جو مستقبل نيٺ ڇا ٿو بيهي. اسان جي ملڪي ميڊيا سمجهي ٿي ته عوام جو مسئلن ۾ ڦاٿل هجڻ ڪا خبر ڪانهي. ڇاڪاڻ ته عوام ته مسئلن جو شڪار هوندو ئي آهي. اهو به جيڪڏهن مسئلن جو شڪار ۽ مصيبتن ۾ گرفتار نه هجي ته ٻيو ڪير هوندو؟ ان ڪري اها خبر ڪانهي. خبر اها آهي ته وڏن ماڻهن منجهان ڪوئي مسئلي ۾ ڦاٿل آهي ڇا؟ اڳوڻو وزيرِ اعظم گرفتار آهي يا نه آهي؟ اها ئي تمام وڏي خبر آهي.
جڏهن امير ماڻهن کي ڪوئي قانون تڪليف ڏيندو آهي. جڏهن اهي ڪنهن قانون منجهان ڦاسندا آهن ته پوءِ ان قانون ۾ ترميم ڪندا آهن يا وري مورڳو ان کي ختم ڪري ڇڏيندا آهن. ان سان گڏوگڏ اهي ڪوشش ڪندا آهن ته سماج جي اخلاقيات به اهڙي ئي جُڙي جيڪا سندن گناهن کي لڪائي ڇڏي. مثال طور اسلام جي بنيادي تعليم ۾ اهو چيو ويو هو ته نجي ملڪيت هڪڙي لعنت آهي. انسان کي دنيا سان دل نه لڳائڻ گھرجي. انسان پنهنجي ضرورتن کان سوايو جيڪو به ڪجهه وٽس آهي اهو الله جي راهه ۾ ضرورتمندن کي ڏئي ڇڏي پر اسان جي سماج ۾ ان جي ابتڙ اها سوچ موجود آهي ته جنهن وٽ ملڪيت ڪانهي اهو ڪنگلو آهي. جيڪو پنهنجي مُئي پڄاڻان ميراث نه ٿو ڇڏي اهو بيڪار آهي. جنهن وٽ دولت ۽ ملڪيت گھڻي آهي اهو الله جو خاص ٻانهو، خانداني ماڻهو، خدا جي فضل ۽ ڪرم جو خاص مرڪز وغيره وغيره آهي. يقينن اهڙي سوچ امير طبقي جي مفاد ۾ آهي. خدا جنهن کي چاهي عطا ڪري، جنهن کي چاهي محروم رکي واري آيت جي پنهنجي مرضي واري تشريح ڪري اتي بيهاريو ويو آهي ته جنهن وٽ دولت آهي اها کيس خدا جي مرضيءَ سان ملي آهي ۽ جيڪو ان کان محروم آهي اهو به خدا جي ناراضگيءَ سبب اها سزا پيو لوڙي. ساڳي طرح جيڪو به اقتدار ۾ آهي پوءِ ڀل ڪيترو به ظالم ۽ جابر ڇو نه هجي. اهو اقتدار خدا جي مرضيءَ سان ئي کيس مليو آهي جنهن جي فرمانبرداري ڪرڻ عام ماڻهوءَ تي فرض آهي.
توشه خانا واري معاملي کي به اسان جي حڪمرانن اهڙي نموني پنهنجي مفاد ۾ بيهاريو آهي. عمران خان ئي نه پر آصف زرداريءَ کان وٺي شيخ رشيد تائين هر ڪنهن پنهنجي پنهنجي زماني ۾ جڏهن به سندن هٿ چيو ڪيو آهي، رياستي تحفن واري ان خزاني کي ڌاڙو هنيو آهي. مثال طور 2014 ۾ اسحاق ڊار توشه خانا ۾ پيل 6 لک 60 هزار روپين واري گھڙي 1 لک 30 هزار روپين عوض ورتي. پنهنجي فائدي لاءِ حڪمرانن قانون ۾ اهڙي گنجائش رکي آهي ته اهي هڪڙيون شيون مفت ۾ ته ٻيون وري 20 کان 50 سيڪڙو تائين رعايت سان خريد ڪري/چورائي سگهن. اهي ساڳيا حڪمران وري اهو به چاهين ٿا ته تنور تان هڪڙي ماني چورائڻ واري جو هٿ ڪٽيو وڃي. موبائيل يا اسڪوٽر ڦرڻ واري جي ڍڪڻي اُڏائي کيس هاف فراءِ ڪيو وڃي.
عمران خان ۽ ان جي ويجهن ساٿين کي اها خبر هئي ته هُو ڪنهن وقت به گرفتار ٿي سگهي ٿو ۽ سندس گرفتاري هڪ سياسي اڳواڻ جي گرفتاري نه هوندي. گرفتاريءَ کان پوءِ مٿس تشدد ڪيو ويندو. ممڪن آهي کيس اُڦٽ ماريو وڃي يا وري بلوچستان جي ڪنهن ٽارچر ڪيمپ ۾ منتقل ڪيو وڃي. ان ڪري زمان پارڪ ۾ پنهنجي نوجوان چاهيندڙن کي وڏي تعداد ۾ گڏ ڪري کين پوليس سان دوبدو ويڙهايو ويو. هُو ٻئي پاسي عوام جي تمام وڏي ميڙ کي خطاب ڪندو رهيو ته جيئن اهو تاثر ڏئي سگهي ته هُو اڄ به جهڪڻ لاءِ تيار ڪونهي. ڪير ڀل ڪيترو به طاقتور ڇو نه هجي. ڪوئي شخص هجي يا ادارو، عمران خان کي جهڪائي نه ٿو سگهي. هُو پنهنجي “عوام دوست” سياست جاري رکندو. سندس ڳاٽ هميشه اونچو رهندو.
هڪڙي پاسي اهو سڀ ڪجهه ٿي رهيو هو ته ٻئي پاسي وري ان ئي زمان پارڪ جي آس پاس رٿابندي ٿي رهي هئي ته ڪهڙي نموني عمران خان جي قد بت کي گھٽائجي؟ ڪهڙي نموني دنيا کي اهو ڏيکارجي ته عمران خان قانون ٽوڙيندڙ شهري آهي. اهو عدالتن، پوليس ۽ ٻين ادارن کي ليکي ۾ ئي نه آڻيندي پنهنجي من ماني ڪندو رهي ٿو. ان کان پهريان عمران خان کي عدليه، اسٽيبلشمينٽ جو لاڏلو سمجهيو پئي ويو پر گذريل سال کان جڏهن هُن اسٽيبلشمينٽ ۽ عدليه تي کلم کلا تنقيد ڪرڻ شروع ڪئي تڏهن کان ڄڻ ته پنهنجي تعارف کي پاڻ ئي خراب ڪيائين.
هڪڙن ماڻهن جو خيال آهي ته عمران خان اڪيلو اهڙو اڳواڻ آهي جيڪو پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ سان ملي ملڪ کي ڏيوالو ٿيڻ کان بچائي سگهي ٿو. اهي اهڙا ماڻهو آهن جن کي لڳي ٿو ته عمران خان جي اسٽيبلشمينٽ سان ڏيٺ ويٺ ڪا پهريون ڀيرو ٿي رهي هوندي. ٻِي ڳالهه اها ته اهي ماڻهو عمران خان جي حڪومت کي ائين وساري ويٺا آهن جيئن اسين اهو وساري ويٺا آهيون ته ڪنهن زماني ۾ سنڌ جا ٻارَ ڪاپي ڪرڻ کان سواءِ به امتحان پاس ڪري ويندا هئا.
انهن ماڻهن کي لڳي ٿو عمران خان ڪرپٽ ڪونهي ان ڪري اهو سٺو حڪمران ثابت ٿيندو. زرداري ۽ شريف ڪٽنب جي ابتڙ عمران خان ايماندار ماڻهو آهي. انهن ويچارن کي عمران خان جي پنهنجي ڪرپشن جي خبر نه به هجي تڏهن به اها خبر ته ضرور هئڻ گھرجين ته ماڻهو پنهنجي سنگت ذريعي سڃاتو ويندو آهي. شيخ رشيد کان وٺي چوڌري پرويز الاهي تائين ڪهڙو اهڙو ماڻهو آهي جيڪو عمران خان جي سنگت ۾ آهي ۽ ڪرپٽ نه آهي؟ سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ڪارو ٻڌُ ڪمري سان رنگ نه مٽائي ته به عادت ضرور مٽائي. ان چوڻيءَ موجب ته عمران خان جي پنهنجي ايمانداريءَ جو اثر سندس سنگت تي نه پئجي نه پيو. ظاهر آهي جيڪڏهن عمران خان جي سنگت تي سندس سٺو اثر نه ٿو پوي ته سنگت جو بُرو اثر پاڻ عمران خان تي ضرور پوندو. يا پيو هوندو نه.
عمران خان گرفتار ٿيندي ٿيندي بچي ٿو وڃي، اهو سڀ ڪجهه ان ڪري جو مٿي وڏن جو پاڻ ۾ به جهيڙو آهي. مارڻ ۽ بچائڻ وارا، پڪڙڻ ۽ ڀڄائڻ وارا ساڳيا ئي آهن. ان ڪري في الحال اهو معاملو نه پيو نبري. جنهن ڏينهن انهن منجهان ڪو هڪڙو وڌيڪ ڏاڍو مڙس ثابت ٿيو، ان ڏينهن عمران خان وارو معاملو به نبري ويندو.
پاڪستان هن وقت تمام وڏي بحران جو شڪار آهي اهو بيان درست آهي پر سوال اهو آهي ته هيءُ ملڪ ڪهڙي ڏينهن بحران جو شڪار نه رهيو آهي. هاڻوڪو بحران واقعي شديد آهي پر ان جو حل وري امير ڪبير طبقن ۽ اهڙن ماڻهن جي صورت ۾ ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جيڪي هن ملڪ جي ڦرلٽ ۽ موجوده بحران جا سڀ کان وڏا ذميوار آهن. اهڙي صورتحال ۾ اهو سمجهڻ ته سڀ ڪجهه پنهنجي ليکي ٺيڪ ٿي ويندو، ٻاراڻي سوچ کان سواءِ ڪجهه ڪونهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حقيقي کاٻي ڌر جي سياسي پارٽيءَ کي اقتدار ملي جيڪا واقعي به هن ملڪ جي اڪثريتي پورهيت عوام جي حقن جي محافظ هجي. پر اهڙي ڪنهن به سياسي پارٽيءَ کي ويٺي ويٺي اقتدار ملي ويندو، اسٽيبلشمينٽ راضي ٿي کيس اقتدار حوالي ڪندي يا وري موجوده حالتن کان مايوس ٿي ائين ڪندي، اهڙيون سوچون به ٻاراڻيون آهن. اهڙي ڪنهن به شئي جو امڪان ان وقت تائين ڪونهي جيسيتائين اها سياسي پارٽي پنهنجو پاڻ مڃرائي نه ٿي. جيسيتائين اها پنهنجو پاڻ کي ان لائق نه ٿي بڻائي. پاڪستان کي هن ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ، واپاري، ڪاروباري، عمران خان، نواز شريف يا اهڙي ڪا به ٻي هستي نه بچائي سگهندي. پاڪستان جا ڪروڙين ماڻهو ئي ان کي بچائي سگهندا. جڏهن ڪروڙين ماڻهو اٿي کڙا ٿيندا تڏهن ئي ڪجهه بدلبو. پر جڏهن ڪروڙين ماڻهو اٿي بيهندا تڏهن انهن جي اڳواڻي ڪرڻ لاءِ به ڪو تيار آهي. ڪا سياسي پارٽي تيار آهي؟ افسوس سان ان سوال جو جواب نفيءَ ۾ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button