رانديون

بنگلاديش پهرين ون ڊي ۾ آئرلينڊ کي 10 وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو

بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيم آئرلينڊ کي پهرين ون ڊي ميچ ۾ 10 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ برتري ماڻي ورتي آهي. ميڊيا مطابق آئرلينڊ جي سڄي ٽيم 29 اوور ۾ 101 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، جنهن ۾ ڪرس ڪيمفر 36 ۽ لورڪن ٽڪر 28 رنسن سان نمايان رهيا، 6 ڄڻا سنگل فگر تائين محدود رهجي ويا، اهڙي ريت هيري ٽيڪٽر، جارج ڊوڪريل ۽ مارڪ اڊيئر رنس ٺاهڻ بنا آئوٽ ٿي ويا آهن. بنگلاديش جي بالرن حسن محمد 5 وڪيٽون وٺي آئرش بيٽنگ کي سوڙهو ڪري ڇڏيو، اهڙي ريت تسڪين احمد 3 ۽ عبادت حسين 2 وڪيٽون وٺي پاڻ ملهايو آهي. هوڏانهن بنگلاديش جي اوپنرن ئي 102 رنسون ٺاهي ٽيم کي ڪاميابي ڏياري ڇڏي، جنهن ۾ لٽن داس 50 ۽ تميم اقبال 41 رنسون ٺاهيون. آئرش بالر بنگلاديش جي اوپنرن آڏو بيوس رهيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button