اسلام آبادپاڪستان

ملڪ جو آئين ۽ قانون هڪ شيطان جي مرضي سان نٿو هلي سگهي:وفاقي سرڪار

اسلام آباد :اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جو فيصلو پاڪستان جي مفاد ۾ آهي، اليڪشن ڪميشن معاشي، سياسي ۽ سيڪيورٽي جي صورتحال کي نظر ۾ رکي فيصلو ڪيو، آئين جي آرٽيڪل 218 تحت اليڪشن ڪميشن کي يقيني بڻائڻو آهي ته شفاف، غيرجانبداراڻي ۽ منصفاڻيون چونڊون ٿين، آرٽيڪل 224 جي گهرج آهي ته چونڊن جي وقت وفاق ۽ صوبائي اڪائين ۾ نگران حڪومتون قائم هجن. ڪالهه خميس ڏينهن پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته اليڪشن ڪميشن سمورين ڌرين سان مشاورت کانپوءِ اهو فيصلو ڪيو، اليڪشن ڪميشن جي فيصلي سان ملڪ ۾ سياسي استحڪام جي ضمانت ملندي، خدشا هئا ته هڪ ماڻهو جي اناءَ جي ڪري ٻن صوبن تي زبردستي چونڊون مڙهيون پيون وڃن. هن چيو ته قومي اسيمبلي جي چونڊ ٿيندي ته ٻن صوبن ۾ حڪومتون قائم ٿينديون. 30 اپريل تي ٻن صوبن ۾ چونڊون ٿيون ته سدائين جي لاءِ تڪراري ٿي وڃن ها. چونڊون 30 اپريل تي ٿين ها ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ڇهه مهينا اڳ اسيمبليون ختم ٿي وڃن ها. وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته اليڪشن ڪميشن پنهنجي فيصلي سان ملڪ کي وڏي آئيني بحران کان بچائي ورتو آهي. اليڪشن ڪميشن جي فيصلي سان ملڪ ۾ سياسي استحڪام ايندو. هن چيو ته ملڪ ۾ آدمشماري جو عمل جاري آهي. پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ آدمشماري کان اڳ ۽ ٻين ۾ آدمشماري کانپوءِ چونڊون ٿين، اهو نه ٿو ٿي سگهي. هڪ شخص جي مرضي تي آئين نه ٿو هلي سگهي، هو جڏهن چاهي آئين ٽوڙي ڇڏي، جڏهن چاهي اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي، اهو نه هلندو، جڏهن چاهي پوليس وارن جا مٿا ڦاڙي ڇڏي، جڏهن چاهي اليڪشن ڪميشن تي حملو ڪري، عدالت تي حملي آور ٿئي ، جڏهن چاهي چونڊون ٿين ۽ جيڪي چاهي فيصلا اچن، اهو نه هلندو. ٻئي طرف وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ملڪ جو آئين ۽ قانون هڪ شيطان جي مرضي سان نه ٿو هلي سگهي. هو جڏهن چاهي آئين ٽوڙي جڏهن چاهي اسيمبلي ٽوڙي ۽ جڏهن چاهي پوليس وارن جا مٿا ڦاڙي. ڪالهه خميس ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته ملڪ جو آئين ۽ قانون ائين نه ٿو هلي سگهي، جڏهن چاهي هو اليڪشن ڪميشن تي حملو ڪري، عدالت تي حملي آور ٿئي ۽ جڏهن چاهي چونڊون ٿين، هو جيڪو چاهي فيصلو ٿئي، جيڪو چاهي فيصلو اچي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button