اسلام آبادپاڪستان

عمران تي ڪيس غلط آهن ته عدالتن کان ڇو ٿو ڀڄي:شازيا مري

اسلام آباد : وفاقي وزير شازيا مري سازش ۽ پرڏيهي مداخلت بيانيو دفن ڪرڻ عمران نيازي سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. ڪالهه پنهنجي بيان ۾ شازيا مري چيو ته نالائق شخص کي ان ڳالهه جو احساس نه آهي ته ان جي بيانئي سان ملڪ جو ڪيترو نقصان ٿيو آهي. وفاقي وزير چيو ته ڪوڙ کي پير نه ٿيندا آهن تنهنڪري پڪڙيو وڃي ٿو. وفاقي وزير چيو ته عمران نيازي هڪ ڪوڙ ڳالهائي وري نئين ڪوڙ جي تياري ڪري ٿو. وفاقي وزير چيو ته عمران نيازي جو لشڪر پوليس تي حملا ڪري ته ڪيس ته داخل ٿيندو. عمران نيازي جي خلاف ڪيس غلط آهن ته ٽرائل عدالتن ۾ پيش ٿيڻ کان ڇو ٿو ڀڄي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button