اسلام آبادپاڪستان

جون تائين قرض ۽ وياج لاءِ 3 ارب 31 ڪروڙ 60 لک ڊالر گهربل

اسلام آباد (رپورٽ: ارشاد انصاري) پاڪستان انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) سان اسٽاف سطح جي معاهدي ۽ قرضن ۾ دير جي صورت ۾ پرڏيهي ادائيگين لاءِ پلان بي تي غور شروع ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪري ورتو آهي. ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي ايندڙ مهيني (اپريل) تائين قرضن ۽ وياج جي مد ۾ مجموعي طور تي 31 ڪروڙ 60 لک ڊالر ادا ڪرڻا آهن. ان کانپوءِ هلندڙ مالي سال جي آخري ٽي ماهي (اپريل کان جون) تائين قرض ۽ وياج جي ادائيگيءَ لاءِ وڌيڪ ٽي ارب ڊالر گهربل هوندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف سان اسٽاف معاهدي لاءِ سموريون اڳڀرائيون ڪيون ويون آهن ۽ اميد آهي ته آءِ ايم ايف سان اسٽاف معاهدو ٿي ويندو ۽ پروگرام طئي ٿي ويندو. پر جيڪڏهن آءِ ايم ايف پروگرام کي ٽريڪ تي آڻڻ ۽ قرض جي ايندڙ قسط جاري ڪرڻ ۾ وڌيڪ دير ٿي ته ان صورت ۾ پلان بي تي ڪم ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button