شوبز

ڪترينا ڪيف وڪي ڪوشل جي ٿي وئي،شادي جون تصويرون وائرل

ممبئي :ڀارتي ميڊيا بالي ووڊ بار بي ڊول ڪترينا ڪيف ۽ وڪي ڪوشل جي شادي جون مبينا ليڪ ٿيل تصويرون پڌريون ڪندي دعويٰ ڪئي آهي ته ٻئي شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويا آهن. ٽائمز آف انڊيا انسٽاگرام تي ڪترينا ڪيف ۽ وڪي ڪوشل جي شادي جون ليڪ ٿيل تصويرون شيئر ڪندي دعويٰ ڪئي ته ٻنهي ست ڦيرا ڏئي ڇڏيا آهن. ان حوالي سان هندستان ٽائيمز به پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو ته وڪي ڪوشل ۽ ڪترينا ڪيف جي ستن ڦيرن جو رسمون ڪالهه منجهند جو ادا ڪيون ويون. رپورٽ ۾ ٻنهي جي ليڪ ٿيل تصويرون شيئر ڪندي دعويٰ ڪئي وئي ته ٻنهي هندو مذهب جي رسمن تحت شادي ڪئي، پر پاڻ ڪترينا ڪيف ۽ وڪي ڪوشل ان حوالي سان ڪا به وضاحت جاري ناهي ڪئي. ان کان سواءِ ڪترينا ڪيف ۽ وڪي ڪوشل جي شادي جي تصويرن کي ٻين شوبز ويب سائيٽس ۽ اخبارن به شايع ڪندي سندن شادي جي تصديق ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button