اسلام آبادپاڪستان

وزيراعظم جي گم ٿيل صحافي مدثر نارو جي وارثن سان ملاقات،رپورٽ طلب

اسلام آباد :وزيراعظم عمران خان گم ٿيل صحافي ۽ بلاگر مدثر نارو جي گهر ڀاتين سان ملاقات ڪئي آهي. ذريعن موجب مدثر نارو جو پيءُ، ماءُ ۽ پٽ گهرو وزارت جي اهلڪار سان گڏ وزيراعظم هائوس پهتا. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان ملاقات ۾ گم ٿيل صحافي مدثر نارو جي وارثن کي هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ انساني حقن واري وفاقي وزير شيرين مزاري، اٽارني جنرل خالد جاويد خان ۽ گهرو سيڪريٽري يوسف نسيم کوکر به موجود هئا. ان سلسلي ۾ وزيراعظم قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي وڌيڪ تحقيقات ڪري مدثر نارو جي والدين ۽ پٽ کي تسلي بخش جواب ڏيڻ جي هدايتون جاري ڪيون. مدثر نارو جي والدين وزيراعظم جي خاطري تي اعتماد جو اظهار ڪيو. واضح رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وزيراعظم ۽ ڪابينا کي صحافي مدثر نارو جي ماءُ ۽ پٽ سان ملڻ ۽ خاندان کي مطمئن ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button