پاڪستانخيبرپختونخوا

اليڪشن ٽربيونل جو ناڻي صلاحڪار شوڪت ترين بابت فيصلو محفوظ

پشاور:اليڪشن ٽربيونل ناڻي واري صلاحڪار شوڪت ترين خلاف درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي. خميس تي پشاور ۾ سينيٽ جي خالي سيٽ تي چونڊن جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن ۾ شوڪت ترين جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪرڻ جي فيصلي خلاف اپيل تي شنوائي ٿي. اليڪشن ٽربيونل ڌرين جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ فيصلو محفوظ ڪري ورتو. درخواست گذار جي وڪيل موقف پيش ڪيو ته اليڪشن شيڊول جاري ٿين کانپوءِ ووٽر لسٽ منجمد ٿي وڃي ٿي. شوڪت ترين جو ووٽ اليڪٽورل رول ۾ داخل نه آهي. اليڪٽورل رول ۾ ووٽ داخل نه ٿيڻ تي شوڪت ترين ڪي پي مان سينيٽ اليڪشن نٿو وڙهي سگهي. شوڪت ترين جي وڪيل علي گوهر موقف پيش ڪيو ته سينيٽ لاءِ اليڪشن ڪميشن جو ووٽ سرٽيفڪيٽ ئي ڪافي هوندو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button