اسلام آبادپاڪستان

ملڪ ۾ اڄ سيالڪوٽ واقعي خلاف مذمتي ڏهاڙو ملهايو ويندو

اسلام آباد: ملڪ ۾ اڄ 10 ڊسمبر تي سيالڪوٽ سانحي خلاف مذمتي ڏهاڙو ملهايو ويندو. سڄي ملڪ جا عالم، خطيب، ذاڪر، سيالڪوٽ سانحي جي مذمت ڪندا ۽ عوام کي توهين رسالت ۽ توهين مذهب جي قانونن جي حوالي سان سڌ ڏيندا. چيئرمين پاڪستان علما ڪائونسل حافظ محمد طاهر محمود اشرفي چيو آهي ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته مذهب ۽ مقدس هنڌن جي نالي کي پنهنجن مقصدن لاءِ استعمال ڪندڙن خلاف قوم پنهنجو ڪردار ادا ڪري. رياست پاڪستان پنهنجو فيصلو ڏئي چڪي آهي، عوام کي دهشتگردي جي خاتمي وانگر انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ حڪومت، ملڪ جي سلامتي جي ادارن سان گڏوگڏ بيهڻو پوندو. هن چيو ته ملڪ ۾ علما و مشائخ ڪنوينشنز منعقد ڪيا پيا وڃن. تعليمي ادارن ۾ توهين ناموس رسالت ۽ توهين مذهب جي حوالي سان آگاهي مهم شروع ڪري رهيا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button