اسلام آبادپاڪستان

ڪرونا وگهي وڌيڪ 10 ماڻهو فوت،350 نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد :پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس وگهي وڌيڪ 10 ماڻهو فوت ۽ 350 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. اين سي او سي جي انگن اکرن مطابق پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪرونا وائرس جا وڌيڪ 350 ڪيس ظاهر ٿيا آهن ۽ 10 ماڻهو هن وبا وگهي فوت ٿي ويا. 2355 مريض صحتياب ٿيا. جڏهن ته هاڪاري ڪيسن جي شرح 0 ڏهائي 74 سيڪڙو ٿي وئي. پاڪستان ۾ هن وقت تائين 28 هزار 803 ڪرونا وائرس جا مريض لاڏاڻو ڪري چڪا آهن. ڪرونا وائرس جي ڪل مريضن جو انگ 12 لک 88 هزار 53 ٿي چڪو آهي. ملڪ ۾ اسپتالن، قرنطينا سينٽرز، وينٽي ليٽرز ۽ گهرن ۾ ڪرونا وائرس جا 9 هزار 829 مريض علاج هيٺ آهن، جن مان 771 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. 12 لک 49 هزار 421 مريض هن وقت تائين هن بيماري مان صحتياب ٿي چڪا آهن. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جون وڌيڪ 46 هزار 697 ٽيسٽون ڪيون ويون. هن وقت تائين ڪل 2 ڪروڙ 23 لک 85 هزار 347 ٽيسٽون ڪيون ويون آهن. پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 11 لک 73 هزار 459 ماڻهن کي ڪرونا وائرس جي ويڪسين ڏني وئي. هن وقت تائين ڪل 2 ڪروڙ 88 لک 79 هزار 987 ڪرونا ويڪسين جون خوراڪون ڏنيون ويون آهن. جڏهن ته 5 ڪروڙ 37 لک 81 هزار 101 ماڻهن جي مڪمل ويڪسينيشن ٿي چڪي آهي. سنڌ ۾ ڪرونا وائرس جي مريضن جو انگ 4 لک 77 هزار 299 ٿي چڪو آهي، ڪل فوتگيون 7 هزار 630 ٿي ويون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button