پاڪستانپنجاب

زرداري جو نواز شريف بابت بيان افسوسناڪ آهي:شهباز شريف

لاهور : نواز ليگ صدر ۽ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي بيان تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته زرداري صاحب جو نواز شريف بابت بيان افسوسناڪ آهي. ميان صاحب جي پاڪستان سان اڻٽٽ وابستگي سدائين رد نه ڪرڻ جهڙي رهي آهي. ڪالهه ٽوئيٽر تي جاري بيان ۾ شهباز شريف چيو ته توهان ڄاڻو ٿا ته نواز شريف کي ڪهڙين حالتن ۾ ٻاهر وڃڻو پيو. اسان کي اهڙن ريمارڪس کان پاسو ڪرڻ گهرجي، سڀني کي گڏجي ملڪ جي بهتري لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي. واضح رهي ته لاهور جي تڪ اين اي 133 ۾ ن ليگ اميدوار شائستا پرويز ڪاميابي حاصل ڪئي هئي ۽ پ پ ٻئي نمبر تي رهي هئي. ان حوالي سان آصف زرداري چيو هو ته ميان صاحب اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ تڪ ننڍا ڪيا، نه ته اهو وڏو تڪ هو. اتان بي بي به کٽيو هو، اسان وري اقتدار ۾ اچي تڪ وڏا ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button