اسلام آبادپاڪستان

نيب ماڻهن جو احتساب ڪري ٿي،ان جو احتساب ڪير ڪندو:اسلام آباد ها ڪورٽ

اسلام آباد : اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي آزادي خلاف نيب اپيلن تي شنوائي دوران نيب تي ڪاوڙ ڪندي چيو آهي ته اوهان تي سياسي انجينئرنگ جو الزام آهي، اسان نيب کي ڇو نه ذميوار ڄاڻايون؟ اوهان اسان جو وقت وڃايو، ڪيس نه ٺاهي سگهيا ته پوءِ عدالتن تي شيون وجهي ڇڏيو ٿا. اوهان ماڻهن جو احتساب ڪريو ٿا، اوهان جو احتساب ڪير ڪندو؟ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس عامر فاروق تي ٻڌل ڊويزن بئنچ ارسس ٽريڪٽر ۽ ٻين ريفرنسز ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي آزادي خلاف نيب اپيلن تي شنوائي ڪئي. ايڊيشنل پراسيڪيوٽر جنرل نيب جهانزيب ڀروانا چيو ته آصف زرداري جون آزادي جون چار اپيلون شنوائي هيٺ آهن. اصل ريفرنس ۽ ڪاغذ غائب هئا، ان باوجود نيب ڪورٽ فيصلو ڪري ڇڏيو. اوريجنل رڪارڊ غائب هو ۽ جيڪي شاهدن جا بيان هئا اهي به گم هئا. جڏهن اصل رڪارڊ موجود نه هو ته بريت جي درخواست تي فيصلو ڪيو ويو. هن عدالت ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار به ان تي انڪوائري ڪرائي هئي. جسٽس عامر فاروق چيو ته 2014 کان اڄ 7 سال ٿي ويا آهن. اوهان جون اپيلون هتي التوا هيٺ آهن. چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته اوهان تي سياسي انجنيئرنگ جو الزام آهي، جيڪڏهن غلطي ٿي هئي ته ان وقت جي نيب چيئرمين کي به اڪائونٽيبل هئڻ گهرجي. چيف جسٽس اطهر من الله نيب پراسيڪيوٽر کي چيو ته اڪانومي اوهان جي ايڪٽ سان متاثر ٿئي ٿي. جيڪڏهن اوهان فيئر نه آيو اوهان ڪيس نه ٺاهي سگهيا ته پوءِ عدالتن تي شيون وجهي ڇڏيو ٿا. اوهان پاڻ ٽرائيل ڪرايو، هن عدالت جو ڪهڙو قصور آهي. جسٽس عامر فاروق چيو ته اوهان نيب ڪورٽ ۾ چيو آهي ته جيڪو رڪارڊ دستياب آهي، انهي تي اسان دليل ڏينداسين. چيف جسٽس چيو ته نيب آرڊيننس ۾ ڪٿي لکيل آهي ته اوهان جڏهن ڪوئي غلط ريفرنس داخل ڪندا ته اوهان خلاف به ڪارروائي ٿيندي. اوهان کي ڏسڻ گهرجي ها ته رڪارڊ اوهان وٽ آهي يا نه. اوهان ماڻهن کي ڊي فيم ته نٿا ڪري سگهو. جسٽس عامر فاروق چيو ته مون کي اڃا تائين اها ڳالهه سمجهه ۾ ناهي آئي، اوهان ڇا چاهيون ٿا. پراسيڪيوٽر جهانزيب ڀروانا چيو ته هي اپيلون اڪلايون وڃن يا رڪارڊ ملڻ تائين انهن کي ملتوي ڪيو وڃي. جسٽس عامر فاروق چيو ته هي جيڪو اوهان ڪري رهيا آهيو هي عوام جو وقت وڃائي رهيا آهيو. چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته اوهان ماڻهن جو احتساب ڪريو ٿا اوهان جو احتساب ڪير ڪندو. چيف جسٽس هدايت ڪئي ته پراسيڪيوٽر جنرل کي چئو اهو هي معاملو ڏسي، اوهان جي هڪ نوٽيس سان ماڻهن جي زندگين تي اثر ٿئي ٿو. جهانزيب ڀروانا چيو ته آئون پهريون ماڻهو هوندس جيڪو استعيفا ڏئي اوهان جي سامهون پيش ٿيندس. جنهن تي چيف جسٽس اطهر من الله مرڪندي چيو ته اوهان جي استعيفا رجيڪٽيڊ آهي، عدالت معاملو پراسيڪيوٽر جنرل نيب کي ڏسڻ جي هدايت ڪندي شنوائي ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button