پاڪستانسنڌ

عثمان شاهه هڙي ۾ تاريخي قبرستان تي قبضا، قبرون ڊهي پيون

عثمان شاھه ھڙي: عثمان شاھه ھڙي ويجھو مغل ۽ ارغون دور جو تاريخي قبرستان 1034 ھجري کان ڳوٺ ميون ونھيون ۾ موجود آهي، جنهن ۾ قرآني آيتن جي چٽساليءَ سان قبرون موجود ھيون، پر ثقافت کاتي جي بي ڌياني ڪري قبرستان کنڊر بڻجي ويو آهي، قبرستان جي وڏي ايراضي مقامي ماڻھن جي قبضي هيٺ آھي. مقامي ڳوٺاڻن نور محمد درس، محمد قاسم چانھيو، امداد درس، عبدالغني درس ٻڌايو ته تاريخي قبرستان ۾ شاعرن جي سرتاج شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جو سھرو مرزا ارغون بيگ پڻ دفن ٿيل آهي، ٻيون به ڪيتريون ئي تربتون آهن، جن تي عربي زبان ۾ چٽساليءَ ٿيل آهي، قبرستان جي مسجد شھيد ٿي چڪي آهي. ھتي حضرت اوليا ميون ونھيون، ۽ سيد اسماعيل شاهه بخاري جون درگاهون به آھن، جن جا ساليانا عرس ملھايا ويندا آهن، پر تاريخي قبرستان جي مالڪي نه ٿيڻ سبب 65 ايڪڙن تي مشتمل قبرستان گھاٽي جھنگ جو ڏيک ڏئي رهيو آهي. هنن ڊي سي ٽنڊوالهيار ۽ ثقافت کاتي کان مطالبو ڪيو ته ڳوٺ ميون ونھيون جي تاريخي قبرستان جي صفائي ڪرائي قبضا ختم ڪرايا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button