پاڪستانسنڌ

ٻيراڻي ۾ مچ ڪچهري، سنڌ ڌرتي کي لفظن جي ڀيٽا

ڄام نواز علي: ٻيراڻي ڀرسان ڳوٺ هوت خان مري ۾ سنڌ مري اتحاد جي اڳواڻ غلام محمد مري پاران مچ ڪهچري ۽ صوفياڻي محفل جي تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ صوفي راڳي شاهد جبار جوڻيجو صوفياڻو راڳ ڳائي ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو. مچ تقريب ۾ صوفي فنڪار شاهد جبار جوڻيجو، محبوب مري، صابر مري، صدرو خاصخيلي، امين بلوچ، حيدر خان مري، راڻا نديم راجپوت، صحافين امداد بلوچ، بلندو خان مري، خير محمد بهراڻي ۽ شاڪر راجپوت سميت ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي راڻا نديم راجپوت، ,محبوب مري، صدرو خاصخيلي، صابر مري ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته هي ثقافت اسان جي پراڻي آهي، جنهن جي سڃاڻب موهن جي دڙن مان مليل آسار ملي ٿي، سنڌ جي ثقافت جا اسان سنڌي وارث آهيون، اهڙيون ڪچهريون ٿيڻ سان محبت ۽ ڀائيچارو وڌي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button