پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ هٿ جي هنر کي هٿي ڏيارڻ لا مينا بازار

ميرپورخاص: ميرپورخاص ۾ سماجي تنظيم پاران عورتن جي ھٿ جي ھنر کي ھٿي وٺرائڻ لا مينا بازار لڳائي وئي، جتي ٻھراڙي توڙي شھر جي عورتن پاران ھٿ سان ٺاهيل سامان جا اسٽال لڳايا ويا. مخلتف اسڪولن پاران به ثقافتي ڏھاڙو ملھائي ٽيبلوز پيش ڪري سنڌي گيتن تي رقص پڻ ڪيو ويو. ان ڏس ۾ آرٽس فائونڊيشن پاران وومين وائس اينڊ ليڊر شپ جي پروجيڪٽ تحت وومينز اسڪلز ۽ بزنيس ارينا جي عنوان ھيٺ ٻھراڙي توڙي شھر جي عورتن پاران ٺھيل ھٿ جي ھنر جي مينا بازار لڳائي وئي. هوڏانهن بهترين ٽيبلوز پيش ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي شيلڊون ۽ انعام ڏنا ويا، پروگرام ۾ مھمان خاص اي سي پريمچند، ايم اين اي شميم آرا پنھور، راڻا امبر ۽ شھزادو ملڪ سميت عورتن به وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري خريداري ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button