پاڪستانسنڌ

اسلام ڪوٽ ۾ فصلن جا اگهه گهٽ هجڻ خلاف ٿر ليبر فورم جو مظاهرو

اسلام ڪوٽ: ٿرپارڪر ضلعي ۾ تازو لهندڙ فصلن جا اگهھ مقامي واپارين طرفان اڌو اڌ ڪيرائڻ واري عمل خلاف ٿر ليبر فورم حيدرآباد طرفان مقيم چانيهون، حاڪم سميجو، ارباب نهڙي، اظهر لنجو، ساجد ساقي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪندي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن دوران مظاهرين اگهه ڪيرائڻ خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ انتظاميا جي نااهلي جي ڪري ذخيرو ڪندڙ مافيائن جو راڄ قائم آهي، هر سال ٿر ۾ فصل لهڻ شرط گوار، ٻاجهر، موٺ، تر ۽ ٻين فصلن جا اگھه هٿرادو طريقي سان گهٽائي ٿر جي هارين جو معاشي قتلام ڪيو ويندو آهي، واپاري هٿرادو طور اگهه گهٽ ڪري آبادگارن کي ڦري رهيا آهن، پر ٻنهي ضلعن جي انتظاميا خاموش آهي. اڳواڻن ڊي سي ٿر سميت سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو ته ٿر جي فصلن جا سرڪاري اگهه مقرر ڪري ٿري هارين سان انصاف ڪيو وڃي ۽ ذخيرو ڪندڙ مافيا خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button