پاڪستانسنڌ

ڍورو نارو ۾ قومي عوامي تحريڪ اڳواڻ جي گرفتاري خلاف ريلي

ڍورونارو: ڍورونارو ۾ قومي عوامي تحريڪ جي ضلعي صدر گُل حسن پلي کي ايس ايڇ او پٿورو پاران رستي ويندي روڪي مارڪٽ ڪرڻ ۽ ٿاڻي تي لاڪپ ڪرڻ خلاف قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن گُل حسن پلي، ھارون راڄڙ، شفقت راڄڙ ۽ مير پلي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب کان گرھوڙي بس اسٽينڊ تائين ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو. اڳواڻن چيو ته ايس ايڇ او پٿورو ڪجهھ ڏينھن اڳ گورنر سنڌ عمران اسماعيل جي آمد تي ڍورونارو-عمرڪوٽ روڊ وٽ وي آ پي ڪلچر جو مظاھرو ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي ضلعي صدر گُل حسن پلي کي وچ روڊ تي بيھاري تزليل ڪئي ۽ مٿس تشدد ڪيو، جنھن بعد کڻي وڃي لاڪپ ڪيو. هنن ڊي آ جي ميرپورخاص ۽ ايس ايس پي عمرڪوٽ کان مطالبو ڪيو ته ايس ايڇ او کي ھٽائي انصاف ڪيو وڃي. ٻئي پاسي رابطي تي ايس ايڇ او پٿورو احمد بخش راھمون ٻڌايو ته گورنر جي گاڏي روڊ تان گذري رھي ھئي ته گل حسن پلي اڳتي اچي ڊيوٽي ۾ مداخلت ڪئي ۽ مون سميت ٻين پوليس اھلڪارن سان بدتميزي ڪئي، جنھن بعد مون ھِن کي پوليس حوالي ڪيو، باقي ڪو به تشدد ناهي ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button