پاڪستانسنڌ

آغا سراج دراني گهر منتقل، رهائشگاهه کي سب جيل قرار ڏنو ويو

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي رهائشگاهه کي سب جيل قرار ڏنو ويو آهي ۽ کيس جيل کان گهر منتقل ڪيو ويو آهي. آغا سراج دراني جي گهر کي سب جيل قرار ڏيڻ جو فيصلو سنڌ جي وڏي وزير جي منظوري سان ڪيو ويو. اهڙو فيصلو سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران اچ وڃ ۾ خطرن سبب ڪيو ويو.

ياد رهي ته قومي احتساب بيورو (نيب) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني کي آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي ڪيس ۾ حراست ۾ ورتو هو. آغا سراج دراني، سندس زال، ٻارن، ڀاءُ ۽ ٻين جوابدارن تي ڪروڙين رپين جا اثاثا ٺاهڻ جو الزام آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button